Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي.(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ جي بيان ۾ اسان خوفِ خدا ۾ روئڻ جي اَهميت بابت ٻڌنداسين۔ خوفِ خدا ۾ روئڻ ڪيترو فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿو هن بابت هڪ ايمان افروز حِڪايت بيان ڪئي ويندي۔ اهو به ٻڌنداسين ته خوفِ خدا ڇا کي چئبو آهي؟ اهو پڻ ٻڌنداسين۔ خَوفِ خدا ۾ روئڻ جي ترغيب تي ڪجھ روايتون به بيان ڪيون وينديون۔ يقيناً خَوفِ خدا ۾ روئڻ سعادت جي ڳالھ آهي، گڏوگڏ ڳوڙها ڳاڙڻ جا طبّي فائدا به آهن، اهي به پيش ڪيا ويندا۔ انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام ۽ اولياءِ ڪرام خُوفِ خدا ۾ ڪيئن گِريه و زاري ڪندا هئا ان حوالي سان به ڪجھ واقعا بيان ٿيندا۔ الله ڪري