Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

جي ڳلن  تي زخم ٿي پيا هئا۔ اهو ڏسي حضرت سَيدُنا يحييٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي امڙ سائڻ سندن جي ڳلن تي اُن واريون پٽيون لڳائينديون هيون۔ هن جي باوُجُود جڏهن پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام ٻيهر نَماز جي لاءِ بيهندا هئا ته وري روئڻ شروع ڪندا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ اهي اُن واريون پٽيون آليون ٿي وينديون هيون، جڏهن سندن جي والِده پٽين کي سڪائڻ جي لاءِ نپوڙينديون هيون ۽ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجن لڙڪن کي پنهنجي امڙ جي ٻانهن تي ڪرندو ڏسي بارگاھ اِلاهي ۾ عرض ڪندا هئا: اي الله پاڪ! هي منهنجا لڙڪ آهن، هيءَ منهنجي امڙ آهي ۽ مان تنهنجو ٻانهو آهيان جڏهن ته تون سڀ کان وڌيڪ رَحم فرمائڻ وارو آهين۔ (احياء العلوم ، ڪتاب الخوف والرجاء ،۴/ ۲۲۵ از خوفِ خدا، ص۴۵)

٭ اهڙي طرح حضرت سَيدُنا شعيب عَلَيۡهِ السَّلَام جي باري ۾ اچي ٿو ته پاڻ خوفِ خدا سان ايترو روئيندا هئا جو مسلسل روئڻ جي ڪري سندن اڪثر اکين جي روشني (Sight) ختم ٿي وئي۔ ماڻهن عرض ڪيو: اي الله پاڪ جا پيارا نبي عَلَيۡهِ السَّلَام! اوهان ايترو ڇو روئو ٿا جو اوهان جو نور پڻ ويندو رهيو؟ ارشاد فرمايائون: ٻن ڳالهين جي سبب۔ (۱) ڪٿي منهنجي نظر اهڙي شيء تي نه پوي جنهن کي ڏسڻ کان شريعت منع فرمايو آهي۔ (۲) جيڪي اکيون پنهنجي ربِّ ڪريم جو جلوو ڏسڻ چاهن ٿيون، مان نٿو چاهيان ته اهي ڪنهن ٻي شيء کي به ڏسن، تنهنڪري مون مناسب خيال ڪيو ته نابين (Blind) جيان ٿي وڃان ۽ جڏهن قيامت ۾ منهنجي اک کلي ته يڪدم منهنجي نظر پنهنجي ربِّ ڪريم جو ديدار ڪري۔ ان کان پوءِ پاڻ سٺ سال ظاهري حياتي سان متصف رهيا پر ڪنهن سندن کي اک کولندي نه ڏٺو۔ (خوفِ خدا، ص۴۵)

٭ حضرتِ سيدُنا داؤد عَلَيۡهِ السَّلَام جي باري ۾ اچي ٿو ته هڪ ڀيري چاليھ (40) ڏينهن تائين سجدي جي حالت ۾ روئيندا رهيا ۽ الله پاڪ کان حياء جي سبب آسمان ڏانهن پنهنجو مٿو نه کنيائون۔ ايترو وڌيڪ روئڻ جي ڪري