Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

سندن عَلَيۡهِ السَّلَام جي لڙڪن سان گاھ (Grass) ڦٽي پيو ۽ ان گاھ حضرت داؤد عَلَيۡهِ السَّلَام جي مٿي کي ڍڪي ورتو۔ (حڪايتيں ۽ نصيحتيں، ص۱۳۵ بتغير)

٭ حضرتِ سَيدُنا ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي باري ۾ اچي ٿو ته پاڻ جڏهن نماز جي لاءِ بيهندا هئا ته خوفِ خدا جي سبب ايتري قَدَرگِريو و زاري ڪندا (يعني روئيندا) هئا جو هڪ مِيل جي مفاصلي تان سندن جي سيني ۾ ٿيندڙ گڙگڙاهٽ جو آواز ٻڌڻ ايندو هو۔ (اِحياءُ الْعُلوم، ۴/۲۲۶از نيکی کی دعوت، ص۲۷۳)

٭ حضرتِ سيدُنا عيسٰي رُوحُ الله عَلَيۡهِ السَّلَام جي عادت هئي ته جڏهن ڪو نصيحت آموز واقعو ٻڌندا هئا ته اهڙي طرح روئيندا هئا جهڙي طرح ڪا عورت ٻار فوت ٿيڻ تي روئندي آهي۔ (اللّٰه والوں کی باتيں، ۵/۴۳)

تُو بے حساب بخش کہ ہیں بے شُمار   جُرْم                          دیتا ہوں واسِطہ تجھے شاہِ حِجاز کا

(ذوقِ نعت، ص۱۸،۱۷)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

12 مدني ڪمن مان هڪ ”يوم تعطيل اعتڪاف“

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام جو خوفِ خدا ۾ ٻڏل رهڻ ۽ خوفِ خدا ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ مرحبا۔ اسان کي به پنهنجو پاڻ ۾ خوفِ خدا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول جون جتي ۽ بي شمار بهارون آهن اتي هڪ بهار اها به آهي ته  هن مدني ماحول جي برڪت سان خوفِ خدا ۾ روئڻ نصيب ٿيندو آهي. اهو ئي مدني ماحول فڪرِ آخرت ۾ بيقراري جي ڪيفيت پيدا ڪندو آهي، اهو ئي مدني ماحول قبر ۽ آخرت جي ياد دل ۾ پيدا ڪندو آهي۔ اهو ئي مدني ماحول غمِ مدينه ۽ عشقِ رسول ۾ اشڪباري جو ذهن بڻائيندو آهي۔ اوهان به هن مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو۔ ذيلي حلقي جي ٻارهن مدني ڪمن ۾ خوب خوب حصو وٺو. خاص ڪري دعوتِ اسلامي تحت ٿيڻ واري هفتيوار سنتن ڀري