Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

اجتماع، هفتيوار مدني مذاڪري ۽ هر مهيني عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن ۾ سفر کي پنهنجو معمول بڻايو۔ انهن مدني ڪمن جي برڪت سان عاشقانِ رسول جي صحبت نصيب ٿيندي جيڪا دل ۾ رقت پيدا ڪرڻ سان گڏ فڪرِ آخرت ۾ تڙپڻ جو ذهن بيدار ڪندي۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هفتيوار هڪ مدني ڪم ”يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف“ به آهي۔ موڪل واري ڏينهن شهر جي ڪمزور ۽ قريبي علائقن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي اتي جي مسجدن کي آباد ڪرڻ سان گڏوگڏ مقامي عاشقان رسول کي نيڪي جي دعوت ڏئي علم دين سکڻ سيکارڻ جي ترڪيب ڪئي ويندي آهي۔ ٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ يوْمِ تَعطِيل اِعتِـڪاف اسلامي ڀائرن کي سُنّتون، آداب ۽ مَدَني دَرس وغيره جو طريقو سيکارڻ جو بهترين ذريعو آهي۔ ٭ يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجِدون آباد ٿين ٿيون. ٭ يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجد ۾ گذرندڙ هر هر لَمحو عِبادَت ۾ گذارڻ جو موقعو ملندو ٭ يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجِد سان مَحَبَّت ڪرڻ ۽ ان ۾ پنهنجو گھڻي کان گھڻو وَقت گُذارڻ جي فضيلت حاصل ٿيندي۔

12 مدني ڪمن مان هفتيوار هن مدني ڪم ”يومِ تعطيل اعتڪاف“ جي تفصيلي معلومات ڄاڻڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رسالي”يومِ تعطيل اعتڪاف“ جو مطالعو ڪريو، تمام اسلامي ڀائر هن رسالي جو لازمي مطالعو ڪن، اهو رسالو مڪتبة المدينه تي دستياب هئڻ سان گڏوگڏ دعوت اسلامي جي ويب سائٽ تان به پڙھي سگھجي ٿو.

هن رسالي جي مطالعي سان اوهان کي خبر پوندي ٭ يومِ تعطيل اعتڪاف ڇا آهي ٭ يومِ تعطيل اعتڪاف جو جدول ٭ مدني ڪمن جي مضبوطي جو ذريعو ٭ ڳوٺ ۽ دعوتِ اسلامي ٭ يومِ تعطيل اعتڪاف بابت ڪجھ سوال جواب ٭ يومِ تعطيل اعتڪاف جا 14 فائدا وغيره

اچو! اسان به نيت ڪيون ته هن هفتيوار مدني ڪم (يوم تعطيل اعتڪاف) ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪندا رهنداسين،