Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

  دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان هر دم وابسته رهو، اچو ترغيب جي لاءِ دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابستگي جي هڪ مدني بهار ٻڌو، جيئن

نيڪين جي توفيق ملي وئي

بابُ المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي اڳوڻي زِندگي گُناهن ۾ گذري رهي هئي، لغڙ اڏائڻ، ويڊيو گيمز ۽ بلور راند کيڏڻ وغيره ان جي عادتن ۾ شامل هو۔ هر هڪ جي مُعامَلي ۾ پوڻ، ماڻهن سان جھيڙو ڪرڻ، ڳالھ ڳالھ تي ڦڏو ڪرڻ وارين بُري عادتن ۾ گِرِفتار هو۔ خُوش قسمتي سان هڪ اسلامي ڀاءُ جي اِنفِرادي ڪوشِش تي ان رَمَضانُ المُبَارَڪ جي آخري عَشَري ۾ پنهنجي عَلائقي جي مسجد ۾ اعتڪاف ڪيو، جتي ان کي گھڻو سُڪون مليو۔ ان کان پوءِ ان وڌيڪ 2 سال اعتڪاف جي سَعَادَت حاصِل ڪئي۔ هڪ ڀيري انهيء مسجِد جي مُؤَذِّن صاحِب اِنفِرادي ڪوشِش ڪري اُن کي عالَمي مَدَني مرڪز فَيضانِ مدينه(باب المدينه ڪراچي) ۾ هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتِماع ۾ وٺي آيو۔ هڪ مُبَلِّغِ دعوتِ اسلامي سُنّتن ڀريو بَيان ڪري رهيو هو، جنهن جو سفيد لِباس، چهري تي هڪ مُٺ ڏاڙھي ۽ مٿي تي عِمامي شريف جو تاج سجايل هو، مُبَلِّغ جي چهري جي ڪشِش ۽ نُورانيت ان جي دل کٽي ورتي ۽ هو دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي ويو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ اُن هڪ مُٺ ڏاڙھي به سجائي ورتي آهي۔

اے بیمارِ عِصیاں تُو آجا یہاں پر                             گُناہوں کی دیگا دَوا مَدَنی ماحول

گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ                                                  گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

پِلا کر مَئے عشق دیگا بَنا یہ                                               تمہیں عاشِقِ مُصْطَفٰے مَدَنی ماحول

                                                                                     (وَسائلِ بخشش مرمم،ص۶۴۸)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد