Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

خوفِ خدا ۾ روئڻ جا فائدا

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان خوفِ خدا ۾ روئڻ جي اهميت بابت ٻڌي رهيا هئاسين۔ صاف پاڻي جو اهو وصف آهي ته اهو ڪِن ڪچرو ختم ڪندو آهي۔ جيڪڏهن ڪنهن هنڌ گندگي هجي ۽ پاڻي هاريو ته جتي جتي پاڻي پهچندو اهو هنڌ به صاف (Clean) ٿيندو ويندو۔ خوفِ خدا ۾ نڪرندڙ لڙڪ نڪرندا ته ٻاهر آهن پر انسان جي ”اندر“ کي صاف ڪري ويندا آهن۔ اهي لڙڪ وهندا ظاهر تي آهن پر صفائي انسان جي باطن جي ڪندا آهن۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ دل جي سختي دور ڪندا آهن۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ دل جي نرمي جو سبب بڻجندا آهن۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ قلبي سڪون فراهم ڪندا آهن۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ گناهن جي ٻوجھ کان نجات ڏيندا آهن۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ الله پاڪ جي رحمت جو اميدوار ڪندا آهن۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ جهنم کان آزادي جو سبب ٿيندا آهن۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ جنت جو حقدار بڻائي سگھن ٿا۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ قبر جي مرحلن کي آسان بڻائي سگھن ٿا۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ عذابِ قبر کان بچائي سگھن ٿا۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ قبر جي تنگي ۽ وحشت کي دور ڪري سگھن ٿا۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ قبر کي گُلِ گلزار بڻائي سگھن ٿا۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ سڀاڻي ٿيندڙ ندامت کان بچائي سگھن ٿا۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ محشر جي اُس ۽ اُڃ کان بچائي سگھن ٿا۔ ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ پل صراط تي آساني جو سبب ٿي سگھن ٿا۔ مطلب ته! ٭ خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ بظاهر بيڪسي جو اظهار هوندا آهن پر درحقيقت عزتن ۽ عظمتن کي ماڻڻ جو ذريعو بڻجي سگھن ٿا۔

اولياءِ ڪرام جو خوفِ خدا ۾ روئڻ

الله پاڪ جا نيڪ ٻانها خوفِ خدا جي ڪري ڪثرت سان لڙڪ وهائيندا آهن، ڪيئي ولين سڳورن جي باري ۾ منقول آهي ته خوفِ خدا ۾ ڪثرت سان