Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

روئڻ سبب انهن جو نور ختم ٿي ويو پر انهن روئڻ نه ڇڏيو۔ اچو! ترغيب جي لاءِ خوفِ خدا ۾ روئڻ بابت اولياءِ ڪرام جا ڪجھ واقعا ٻڌون ٿا:

حضرت سَيدُنا ابو بِشر صالح مُرّي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وڏا نالي وارا محدث هئا۔ پاڻ زبردست مبلغ به  هئا۔ بيان جي دوران سندن جي اها ڪيفيت ٿيندي هئي جو رب جي خوف مان ڏڪندا ۽ ڪنبدا هئا ۽ ايتري قدر روئيندا هئا جيئن ڪا عورت پنهنجي سڪيلڌي ٻار جي مري وڃڻ تي روئيندي آهي۔ ڪڏهن ڪڏهن ته گھڻي روئڻ ۽ بدن جي ڏڪڻ سان سندن عضون جا جوڙ پنهنجي جڳھ تان ڪنبڻ لڳندا هئا ۽ سندن جو بيان ٻڌڻ وارن تي اهڙو اثر ٿيندو هو جو ڪي ماڻهو تڙپي تڙپي بي هوش ٿي ويندا هئا ۽ ڪي انتقال ڪري ويندا هئا۔ سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خوفِ خدا جو اهو عالم هو جو جيڪڏهن ڪنهن قبر کي ڏسي وٺندا هئا ته ٻه ٻه، ٽي ٽي ڏينهن حيران ۽ خاموش رهندا هئا ۽ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيندا هئا۔ (اوليائے رجال الحديث ص۱۵۱،خوفِ خدا، ص۷۶)

حضرتِ عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو دستور هو هر رات عالمن کي گڏ ڪندا هئا موت، قيامت ۽ آخرت جو تذڪرو ڪندي ايترو روئيندا هئا جو ائين لڳندو هو جو ڄڻ اڳيان جنازو رکيل آهي۔ (مڪاشفةا لقلوب، ص۱۹۶)

حضرت سَيدُنا عطاء رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي باري ۾ اچي ٿو ته ڪڏهن به ڪنهن پاڻ کي مرڪندي نه ڏٺو، پاڻ جڏهن روئڻ شروع ڪندا هئا ته ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مسلسل روئيندا رهندا هئا۔ جڏهن به آسمان تي بادل ظاهر ٿيندا هئا ۽ بجلي کڙڪو ڪندي هئي سندن دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويندي هئي، بدن ڏڪڻ لڳندو هو، بيتاب ٿي ڪڏهن بيهندا ڪڏهن ويهندا هئا، گڏوگڏ روئيندي چوندا هئا: شايد منهنجي لغزشن ۽ گناهن جي ڪري زمين وارن کي ڪنهن مصيبت ۾ مبتلا ڪيو وڃڻ وارو آهي، جڏهن مان مري ويندس ته ماڻهن کي به سڪون حاصل ٿي ويندو۔ (خوفِ خدا، ص۸۵)