Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

سلطانُ الهند حضرت خواجه غريب نواز سيد حسن سنجري اجميري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه زبردست ولي الله هئا۔ پر اُنهن تي خَوفِ خُدا ايتري قدر غالب هو جو هميشه خَشِيتِ اِلاهي سان ڏڪندا ۽ گريه وزاري ڪندا رهندا هئا، مخلوقِ خُدا کي خَوفِ خُدا جي تلقين ڪندي ارشاد فرمائيندا هئا: اي انسانو! جيڪڏهن توهان مٽي هيٺ ستل ماڻهن جو حال ڄاڻي وٺو ته خوف وچان بيهي بيهي پگھرجي وڃو۔ (معین الارواح، ص ۱۸۵ملخصاً )

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

خواجه غريب نواز جو ذڪرِ خير

اي عاشقانِ اوليا!حضرت خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ ٻين اولياءِ ڪرام جو خوفِ خدا سبب روئڻ مرحبا! 6 رَجَبُ المُرَجَّب جو سلطانُ الهند حضرتِ سَيدنا خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو عُرس مُبارَڪ  نهايت ئي عقيدت ۽  احترام سان ملهايو ويندو آهي، ان موقعي تي ايصالِ ثواب اجتماعن جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ قرآن خواني، نعت خواني، سنتن ڀريا بيان،رسالن جي تقسيم وغيره جي ترڪيب ٿيندي آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه (ڪراچي) ۾ خاص طور رجب المرجب جي ابتدائي 6 ڏينهن ۾ ته مدني مذاڪرن جون خوب خوب بهارون هونديون آهن، ڪيئي شهرن مان عاشقانِ غريب نواز، علمِ دين سکڻ، مدني مذاڪرن جون برڪتون ۽ امير اهلسنت جي صحبت جون برڪتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه ۾ وقت گذارڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن، ان کان علاوه ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ هزارين عاشقانِ غريب نواز پنهنجي پنهنجي شهرن ۾ اجتماعي طور تي  انهن مدني مذاڪرن ۾ شريڪ ٿيندا آهن، هن سال به اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ رجب المرجب جي مدني مذاڪرن جي ڌوم ڌام هوندي. اچو! اسان به نيت ڪيون ته  هن سال ٿيڻ واري رجب المرجب جي 6 مدني مذاڪرن ۾ شريڪ ٿيڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. اچو!  مختصر مبارڪ ذڪر ٻڌون ٿا: