Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

حضرت خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو نالو حَسَن چشتي اَجميري آهي، سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مشهور لقبن ۾ مُعينُ الدّين، غريب نواز، سلطانُ الهند ۽ عطاءِ رسول شامل آهن۔ (معين الهند حضرت خواجه معين الدين اجميري، ص۲۰ ملخصاً) حضرت خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي اَخلاق، ڪردَار ۽ گُفتَار سان اسلام جو نالو روشن ڪيائون۔ لکين ماڻهن کي پاڻ پنهنجي نوراني نگاھ سان نورِ اسلام سان منور فرمايائون۔ پاڻ پنهنجي خليفن ۽ شاگردن جي اهڙي جماعت تيار ڪئي جنهن پاڪ ۽ هند جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دين جو پيغام ڦهلايو۔ الله پاڪ حضرت خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمتِ دين جي صدقي اسان کي به نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو جذبو نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

مجلس لنگرِ رضويه

 اي عاشقانِ اوليا! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول جتي خوفِ خدا جو پيڪر بڻائي ٿو اتي اولياءِ ڪرام جي سچي محبت به ڏيندو آهي۔ اوهان به انهيء ماحول سان هردم وابسته رهو۔ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ 107 کان وڌيڪ شعبن ۾ ڪم ڪري رهي آهي۔ انهن مان هڪ مجلس لنگر رضويه به آهي، مختلف موقعن تي هزارين عاشقانِ رسول جي خيرخواهي ڪئي ويندي آهي يعني انهن کي کاڌو کارايو ويندو آهي مثلاً دارالسنه ۾ اچڻ وارن مهمانن، مختلف سنتن ڀريئي اجتماعن، مدني مشورن، مختلف مدني ڪورسز ۾ شرڪت ڪرڻ وارن عاشقانِ رسول جي خيرخواهي ڪئي ويندي آهي، دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ هر سال هزارين عاشقانِ رسول سڄي رمضان ۽ آخري عشري جي اِعتڪاف جي سعادت حاصل ڪندا آهن، انهن عاشقانِ رسول جي لاءِ "لنگرِ رضويه" (سحري ۽ افطاري) جو نهايت