Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

وڏو اِنتظام ڪيو ويندو آهي ته جيئن اُهي عاشقانِ رسول دِلجمعي سان علمِ دين جي مدني حلقن ۽ مدني مذاڪرن ۾ ڀرپور توجه سان شرڪت ڪري سگھن۔ دعوتِ اسلامي جي عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه ڪراچي ۾ ٿيڻ واري مدني مذاڪرن جي اجتماعن ۾ به عاشقانِ رسول جي لاءِ لنگر رضويه جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، لنگرِ رَضَويه جي مد ۾ ڪروڙين روپين جا اخراجات ٿيندا آهن، هن نيڪي جي عظيم ڪم ۾ به ڪيئي عاشقانِ رسول پنهنجو حصو شامل ڪندا آهن، هن سال به اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ سوين هنڌن تي سڄي مهيني ۽ آخري عشري جو اعتڪاف ٿيندو، جنهن ۾ هزارين عاشقانِ رمضان، رمضان جي مبارڪ گهڙين جون برڪتون حاصل ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا۔ تمام عاشقانِ رسول رضاءِ اِلاهي ۽ ٻين سٺين سٺين نيتن سان "لنگرِ رضويه" جي مد ۾ پنهنجو حصو شامل ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪن۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

”گھر ۾ اچڻ وڃڻ جون “سنتون ۽ آداب

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! شيخِ طريقت،اميرِاهلسنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ’’101 مدني گل‘‘ مان ” گھر ۾ اچڻ وڃڻ جون سنتون ۽ آداب“ ٻڌون ٿا: ٭ جڏهن گهران ٻاهر نڪرو ته هي دعا پڙهو: بِسْمِ اللهِ تَوَکَّلْتُ عَلَی اللهِ لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللّٰہِ‘‘ ترجمو: الله جي نالي سان، مون الله ڪريم تي ڀروسو ڪيو۔ الله کان سواءِ نه