Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

(گناهن کان بچڻ جي) قوت آهي ۽ نه (نيڪين ڪرڻ جي) طاقت آهي. (ابو داود،۴/۴۲۰،حديث:۵۰۹۵) اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهيءَ دعا کي پڙهڻ جي برڪت سان سڌي واٽ تي رهندو مصيبتن کان حفاظت ٿيندي ۽ الله ڪريم جي مدد شاملِ حال رهندي ٭ گهر ۾ داخل ٿيڻ جي دعا؛ اَللّٰھُمَّ اِنِّیْٓ اَسْئَلُکَ خَیْرَ الْمَوْلَجِ وَخَیْرَ الْمَخْرَجِ بِسْمِ اللهِ وَلَجْنَا وَبِسْمِ اللهِ خَرَجْنَا وَعَلَی اللهِ رَبِّنَا تَوَکَّلْنَا۔ ترجمو: اي الله! آئون تو کان داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ جي ڀلائي گهران ٿو، الله پاڪ جي نالي سان اسان (گهر ۾) داخل ٿياسين ۽ انهي جي نالي سان ٻاهر آياسين ۽ پنهنجي رب ڪريم تي اسان ڀروسو ڪيوسين) (ابوداود،۴/۴۲۰،حديث:۵۰۹۶) دعا پڙهڻ کانپوءِ گهر وارن کي سلام ڪري پوءِ بارگاھِ رسالت ۾ سلام عرض ڪري ان کان پوءِ ”سوره اِخلاص“
شريف پڙهي۔
اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ روزي ۾ برڪت، ۽ گهريلو جهيڙن کان بچاءُ ٿيندو۔ ٭ جيڪڏهن اهڙي گهر (کڻي پنهنجي خالي گهر) ۾ وڃڻ ٿئي جو اُن ۾ ڪو به نه هجي ته هيئن چئو: اَلسَّلَامُ عَلَیْنَا وَعَلٰی عِبَادِ اللهِ الصّٰلِحِیْن (يعني اسان تي ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن تي سلام) ملائڪ انهي سلام جو جواب ڏيندا۔ (ردالمحتار ج 9 ص 682) يا هن ريت چوي: اَلسَّلَامُ عَلَیْکَ اَیُّـھَاالنَّبِیُّ (يعني يا نبي توهان تي سلام) ڇوته حضور اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو روح مبارڪ مسلمانن جي گهرن ۾ تشريف فرما هوندو آهي۔ (بهارِشريعت،حصّه۶ا ص۹۶،شرح الشّفاء للقاري،۲/۱۱۸) ٭ جڏهن ڪنهن جي گهر ۾ داخل ٿيڻ چاهيو ته هيئن چئو: اَلسَّلَامُ عَلَیْکُم ڇا مان اندر اچي سگھان ٿو؟ ٭ جيڪڏهن داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملي ته خوشي سان موٽي وڃو، ٿي سگھي ٿو ڪنهن مجبوري جي ڪري گهر جي مالڪ اجازت نه ڏني هجي ٭ جڏهن ڪو توهان جي گهر جو دروازو کڙڪائي ته سنت اها آهي ته پڇو: ڪير آهي؟ ٻاهران واري کي گهرجي ته پنهنجو نالو ٻڌائي؛ مثال طور چوي: ”محمد الياس“ نالو ٻڌائڻ جي بدران انهيءَ موقعي تي ”مدينه!“ ”آئون آهيان!“ ”دروازو کوليو“ وغيره چوڻ سنّت ناهي ٭ جواب ۾ نالو ٻڌائڻ کان پوءِ دروازي کان هٽي بيهو ته جيئن دروازو کلندي ئي گهر ۾ نظر نه پوي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد