Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

جَلا دے نہ نارِ جہنّم، کرم ہو                                   پئے بادشاہِ اُمَم یاالٰہی!

مجھے نارِ دوزخ سے ڈر لگ رہا ہے                               ہو مجھ ناتُواں پر کرم یاالٰہی!

تُو عطّؔار کو بے سبب بخش مَولیٰ                              کرم کر کرم کر کرم یاالٰہی!

(وسائلِ بخشش مرمم،ص:۱۱۰،۱۱۱)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

رب جي رحمت وڏي آهي

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان جتي خوفِ خدا سبب روئڻ جي اهميت معلوم ٿي اتي اهو به معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي رحمت تمام وسيع آهي۔ اهو ڪريم رب پنهنجن ٻانهن تي بي انتها رحم فرمائيندو آهي۔ دنيا جو اصول آهي ته غلطي تي هٿوهٿ دڙڪو يا سزا ملندي آهي، پر قربان وڃجي پنهنجي رب ڪريم جي بخشش ۽ رحمت تي جو هو نافرمانين جي ڪثرت جي باوجود به اسان جي پرده پوشي فرمائي ٿو۔ گناهن جي باوجود به اسان جو رب ڪريم اسان جو رزق بند ناهي ڪندو۔ گناهن جي باوجود اسان جو رب ڪريم  اسان جي اکين جي روشني ختم ناهي ڪندو، گناهن جي باوجود اسان جو رب ڪريم اسان جي ٻڌڻ جي قوت کي ختم ناهي ڪندو، گناهن جي ڪثرت جي باوجود اسان جو رب ڪريم اسان کي ڳالهائڻ جي طاقت کان محروم ناهي ڪندو، گناهن جي ڪثرت جي باوجود اسان جو رب ڪريم اسان کي پيرن جي نعمت کان محروم ناهي ڪندو، گناهن جي ڪثرت جي باوجود اسان جو رب ڪريم اسان کي هٿن جي نعمت کان محروم ناهي ڪندو. خطائن جي گھڻائي جي باوجود هو اسان کي پنهنجي ڪرم واري در کان دور ناهي ڪندو۔ هو ڪريم صرف پنهنجي فضل ۽ رحمت سان گُناهن کي لڪائي ڇڏيندو آهي ڇوته ان جي رحمت ان جي غضب تي حاوي آهي۔ پر هڪ اصول ياد رکو جو اسان رب ڪريم جا ٻانها آهيون ۽  هو اسان جو مالڪ آهي، اسان هن ڳالھ جا پابند آهيون ته ان جي احڪامن تي عمل ڪيون، پوءِ ان جو ڪرم آهي جنهن جي ڪا به حد ناهي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد