Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

٭ اهو الله پاڪ اسان جو پَرۡوَرۡدۡگار اهڙو”ڪريم“ آهي جيڪو نافرمانن تي به جود ۽ ڪرم جي برسات ڪندو آهي، ٭ اهو پَروردگار اهڙو”حليم“ آهي جو جڏهن ڪنهن گناھگار کي پنهنجي نافرماني تي حسرت ۽ ندامت ڪندي ڏسندو آهي ته ان جي توبه قبول ڪندو آهي۔ ٭ اهو پَرۡوَرۡدۡگار اهڙو ”عليم“ آهي جيڪو دلين جا راز ڄاڻيندو، نيتن کان آگاھ آهي ۽ زمين ۽ آسمان جي ڪا شيءِ ان کان لڪيل نه آهي۔ ٭ اهو پَرۡوَرۡدۡگار اهڙو ”عظيم“ آهي جو ڪنهن به گناھ کي معاف ڪرڻ ان جي لاءِ دشوار نه آهي۔

 مسلم شريف جي حديثِ پاڪ آهي: حضرتِ سيدُنا سلمان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي، پنهنجي امت جي غم ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ واري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو فرمانِ عظمت نشان آهي: الله پاڪ زمين ۽ آسمان جي پيدائش جي ڏينهن سؤ رحمتون پيدا ڪيون۔ هر رحمت زمين ۽ آسمان جي درميان هڪٻئي مٿان رکي وئي آهي۔ انهن مان هڪ رحمت زمين تي نازل ٿي۔ انهيءَ مان والده پنهنجي اولاد تي، خونخوار جانور ۽ پکي هڪ ٻئي تي مهربان ٿيندا آهن، ايستائين جو گھوڙو پنهنجو پير پنهنجي ٻچي کان پري ڪندو آهي ته ڪٿي ان کي ڌڪ نه لڳي وڃي۔ جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو ته الله پاڪ هن رحمت کي ٻين نوانوي (99) رحمتن ۾ ملائي سو مڪمل ڪندو ۽ بروزِ قيامت ان سان پنهنجي ٻانهن تي رحم فرمائيندو۔ (مسلم، ڪتاب التوبة،باب في سعة رحمة الله۔۔۔الخ،ص۱۱۲۹، حديث: ۶۹۷۷) اچو! ربِّ ڪريم جي رحمت تي مشتمل هڪ ايمان افروز روايت ۽ حڪايت ٻڌون ٿا:

رب جون عنايتون ۽ نوازشون!

بخاري شريف ۾ آهي حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ روايت ڪن ٿا ته رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جن ارشاد فرمايائون: قيامت جي ڏينهن جڏهن الله پاڪ ٻانهن جي مقدمن کان فارغ ٿي ويندو ته هڪ ماڻهو جيڪو جنت ۽ دوزخ جي وچ ۾ (Between) رهجي ويندو اهو دوزخين مان آخري شخص هوندو جيڪو جنت ۾