Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

ويندو۔ جنت ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان ان جو منهن دوزخ ڏانهن هوندو ۽ اهو عرض ڪندو: يَا رَبِّ اصْرِفْ وَجْهِي عَنِ النَّارِ اي منهنجا پَروَردگار! منهنجو چهرو دوزخ کان ڦيري ڇڏ، مون کي ان جي بدبو ماري ڇڏيو آهي ۽ ان جي شعلن مون کي ساڙي ڇڏيو آهي۔ الله پاڪ فرمائيندو: جيڪڏهن تو سان اهو احسان ڪيو وڃي ته تون ان کان علاوه ٻيو ڪجھ نه گھرندين؟ اهو ٻانهو عرض ڪندو: لاَ وَعِزَّتِكَ تنهنجي عزت جو قسم! مان ڪجھ نه گھرندس۔ الله پاڪ ان جو چهرو دوزخ کان هٽائيندو۔ جڏهن اهو ٻانهو جنت ڏانهن چهرو ڪندو ته جنت جي شادابي ۽ تازگي کي ڏسڻ لڳندو۔ جيستائين الله پاڪ چاهيندو اهو خاموش رهندو۔ پوءِ عرض ڪندو: اي منهنجا پَروَردگار! مون کي جنت جي دروازي کان قريب ڪري ڇڏ۔ الله پاڪ ان کي فرمائيندو: ڇا تو واعدو نه ڪيو هو ته جيڪو ڪجھ گھري چڪو آهين هاڻي ان کان علاوه ٻيو ڪو سوال نه ڪندين؟ اهو شخص عرض ڪندو: اِلاٰهي! مان تنهنجي مخلوق ۾ سڀ کان وڌيڪ بدنصيب ٿيڻ نٿو چاهيان۔ الله پاڪ فرمائيندو: ٿي سگھي ٿو ته جيڪڏهن تو کي اهو به ملي وڃي ته تون وري ٻيو سوال ڪرين؟ اهو عرض ڪندو: اي پَروَردگار! مون کي تنهنجي عزت جو قسم! هاڻي مان ڪجھ نه گھرندس۔ پوءِ الله پاڪ ان کي جنت جي ويجھو ڪندو، جڏهن اهو شخص جنت جي دروازي جي ويجھو پهچي ويندو ۽ جنت جي شگفتگي، تازگي ۽ لذت کي محسوس ڪندو۔ پوءِ جيستائين الله پاڪ چاهيندو هو خاموش رهندو پوءِ وري اهو ٻانهو عرض ڪندو: يَا رَبِّ أَدْخِلْنِي الْجَنَّةَ، اي منهنجا پَروَردگار! مون کي جنت ۾ داخل فرماءِ۔ الله پاڪ فرمائيندو: اي ابنِ آدم! افسوس! تون ڪيتري قدر واعدي کي ٽوڙڻ وارو آهين! ڇا تو اهو واعدو نه ڪيو هو ته جيڪو ڪجھ توکي ملي چڪو ان کان وڌيڪ ڪجھ نه گھرندين؟ اهو عرض ڪندو: يااِلاهي! مونکي پنهنجي مخلوق ۾ سڀ کان وڌيڪ بدقسمت نه ڪرِ۔ پوءِ الله پاڪ ان کي جنت ۾ وڃڻ جي اجازت عطا فرمائيندو ۽ اِرشاد فرمائيندو: گھر! ڇا گھرين ٿو؟ ان تي اهو ٻانهو پنهنجي خواهشن جو اظهار ڪندو ايستائين جو ان جون خواهشون