Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

(Desires) ختم ٿي وينديون۔ پوءِ الله پاڪ ان کي فرمائيندو جيڪو تو گھريو آهي اهو ڏنو ويندو ۽ ان جھڙو ٻيو به ڏنو ويندو بلڪ ان جو ڏھ (10) ڀيرا اڃا وڌيڪ به ڏنو ويندو۔ (بخاري، ڪتاب الاذان، باب فضل السجود،۱/۲۸۳، حديث:۸۰۶ ملخصاً)

اِس بے کسی میں دِل کو مِرے ٹیک لگ گئی             شُہرہ سُنا جو رَحمتِ بےکس نواز کا

تُو بے حساب بخش! کہ ہیں بے شُمار جُرْم                  دیتا ہوں واسِطہ تجھے شاہِ حِجاز کا

(ذوقِ نعت، ص۱۸،۱۷)

مختصر وضاحت: پريشاني ۽ لاچاري جي عالم ۾ منهنجي دل کي ان مهل حوصلو ملي ويو جڏهن مون الله پاڪ جي رحمت جو چرچو ٻڌو. اي منهنجا رب! منهنجا جرم بي حساب آهن توکي شاھِ حجاز، مڪي مدني سرڪار  جو واسطو مونکي بي حساب بخشي ڇڏ.

خوفِ خدا ڇا کي چئبو آهي؟

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته رب تعاليٰ کان   گھرڻ وارو محروم ناهي ٿيندو، رب تعالٰي کان دعا ڪرڻ وارو محروم ناهي رهندو۔ پر دعا جي آداب کي به پيشِ نظر رکڻ ضروري آهي۔ اچو! دعا جي اداب مان هڪ ادب ٻڌون ٿا، مڪتبة المدينه جي ڪتاب فضائلِ دعا ۾ آهي: ڳوڙها ڳاڙڻ جي ڪوشش ڪريو توڙي جو هڪ ئي قطرو هجي ڇوته هي دعا جي قبوليت جو دليل آهي۔ (فضائلِ دعا، ص۸۱، ادب نمبر۳۳) اهڙي طرح خوفِ خدا ۾ روئڻ به تمام وڏي نعمت آهي۔ جڏهن ته خود خوفِ خدا تمام وڏي نعمت آهي، جيستائين اها عظيم دولت حاصل نه ٿئي گناهن کان بيزاري ۽ نيڪين سان پيار مشڪل آهي۔ پر جڏهن اها عظيم دولت نصيب ٿي وڃي ته نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ نهايت آسان ٿي ويندو آهي۔ اها عظيم نعمت هوندي ڇا آهي؟ خوفِ خدا ڇا کي چئبو آهي؟ اچو! هن بابت ٻڌون ٿا، جيئن شيخِ طريقت، اَمِيرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرتِ علّامه مولانا ابُو بلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي مايه ناز تاليف