Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

” کفریہ کلمات کے بارے میں سوال جواب صفحي 26 تي فرمائن ٿا: ”خوفِ خدا“ مان مراد هي آهي ته ”الله پاڪ جي خفيه تدبير، ان جي بي نيازي، ان جي ناراضگي، ان جي پڪڙ،ان جي طرف کان ڏنا ويندڙ عذاب، ان جي غضب ۽ ان جي نتيجي ۾ ايمان جي بربادي وغيره کان خوف زده رهڻ جو نالو ”خوفِ خدا“ آهي۔ قرآنِ ڪريم ۾ الله ربُّ الْعٰلَمِين مومنن کي ڪيئي هنڌن تي هن پاڪيزه صفت کي اختيار ڪرڻ جو حڪم ارشاد فرمايو آهي: جيئن سيپاري 5، سُوْرَه نِسَاء، آيت نمبر 131 ۾ ارشاد آهي:

وَ لَقَدْ وَصَّیْنَا الَّذِیْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ مِنْ قَبْلِكُمْ وَ اِیَّاكُمْ اَنِ اتَّقُوا اللّٰهَؕ   (پ5،النساء:131 )  

ترجموڪنزالايمان؛ بيشڪ اسان تاڪيد فرمائي ڇڏي آهي انهن کي جن کي توهان کان اڳ ۾ ڪتاب ڏنا ويا ۽ توهان کي به، ته الله کان ڊڄو .

اهڙي طرح سيپاري 22،سوره احزاب آيت نمبر 70 ۾ ارشاد خداوندي آهي :

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَ قُوْلُوْا قَوْلًا سَدِیْدًاۙ(۷۰) (پ22،الا حزاب: 70)

ترجموڪنزالايمان؛ اي ايمان وارو! اللہ کان ڊڄو ۽ سڌي ڳالھه چئو.

سيپاري 4 سوره آلِ عمران آيت نمبر 175 ۾ اِرشاد آهي:

وَ خَافُوْنِ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِیْنَ(۱۷۵)(پ 4، اٰل عمران: 175)

ترجموڪنزالايمان؛ ۽ مون کان ڊڄو جيڪڏهن ايمان وارا آهيو.

ڳوڙها ڪٿي ڳاڙيون؟

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ايمان جي تقاضن مان هڪ تقاضو خوفِ خدا به آهي۔ يقيناً فڪرِ آخرت سبب بيقرار رهڻ، عذابِ جهنم سبب اشڪبار رهڻ ۽ خوفِ خدا ۾ غرق رهڻ نهايت وڏي نعمت آهي۔ افسوس! اڄ دنيا جي