Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

غم ۾ ته لڙڪ وهايا ويندا آهن پر فڪرِ آخرت ۾ روئڻ جو جذبو گھٽ ٿيندو پيو وڃي۔ غور ته ڪريو! هن دنيا جي حيثيت ئي ڇا آهي جو ان جي لاءِ لڙڪ وهايا وڃن۔ اها دنيا ته هڪ مسافر خاني جيان آهي جنهن ۾ مسافر اچي ترسي ٿو ۽ ڪجھ ڏينهن رهڻ کان بعد موڪلائي ويندو آهي، مسافر خاني ۾ ڪجھ ڏينهن رهڻ وارو ڪڏهن به اتي وڏيون وڏيون اُميدون ناهي لڳائيندو۔ مسافر خاني ۾ ڪجھ ڏينهن رهڻ وارو ڪڏهن به اتي جي رونقن کان دل ناهي لڳائيندو۔ تنهنڪري اسان کي به دنيا جو فڪر نه ڪرڻ گھرجي ۽ نه ئي ان جي لاءِ ڳوڙها ڳاڙڻ گھرجن۔ بلڪه ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته خوفِ خدا ۾ ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته عشقِ رسول ۾ ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته فڪرِ آٓخرت ۾ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته گناهن جي ڪثرت تي ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته نيڪيون نه ڪرڻ تي ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته موت جي سختين کي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙيو، ٭  ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته غمِ مدينه ۾ ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته الله پاڪ جي خفيه تدبير جي خوف سبب ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته قبر کي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته قبر جي وحشتن جو سوچي ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته قبر جي اونداهي کي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته قبر جي تنگي کي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته قيامت جي هولناڪ مرحلن کي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙيو، ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته اهو سوچي ڳوڙها ڳاڙيو ته بروزِ محشر اسان پنهنجي هڪ هڪ عمل جو حساب ڪيئن ڏئي سگھنداسين؟ ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته اهو سوچي ڳوڙها ڳاڙيو ته سڀاڻي محشر جي گرمي ۽ تپش کي اسان ڪيئن برداشت ڪنداسين؟ ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته اهو سوچ ڪري ڳوڙها ڳاڙيو ته بروزِ محشر تلوار کان وڌيڪ تيز ۽ وار کان سنهي پل صراط ڪيئن پار ڪنداسين؟ ٭ ڳوڙها ڳاڙڻا هجن ته اهو سوچي ڳوڙها ڳاڙيو ته اسان جو خاتمو ايمان تي ٿيندو يا نه؟