Sadqy Kay Fwaeed

Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

فرمايائون: نه، هي ان کي ڏئي ڇڏيو۔ پوءِ مون اهي سوالي کي ڏئي ڇڏيا۔

پوءِ مون سائل کان اهي انگور هڪ درهم جي بدلي ۾ خريد ڪري حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي خدمت ۾ آندا۔ اڃان هٿ ۾ رکيل ئي هئا ته اهو سوالي وري آيو۔ ۽ صدا هنيائون، پاڻ فرمايائون: اهي ان کي ڏئي ڇڏيو۔ مون عرض ڪيو: اوهان هن مان ڪجھ ته کائو۔ فرمايائون: نه، هي ان کي ڏئي ڇڏيو۔ مون اهو ڇُڳو ان کي ڏئي ڇڏيو۔ اهو سائل اهڙي طرح موٽي ايندو رهيو ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ان کي انگور ڏيڻ جو حڪم ڏيندا رهيا۔ نيٺ ٽئين يا چوٿين چڪر مون ان کي چيو: برباد ٿئين! تو کي شرم نٿو اچي؟ پوءِ ان کان هڪ درهم جي عوض انگورن جو اهو ڇڳو خريدي سندن وٽ آندم ته پاڻ ان کي تناوُل فرمايائون۔ (اللّٰه والوں کی باتيں، ۱/۵۲۳)

نہ دے جاہ و حَشمَت نہ دَولت کی کثرت

گدائے مدینہ بنا یاالٰہی!

خَطاؤں کو میری مِٹا یاالٰہی!

مجھے نیک خَصْلَت بنا یاالٰہی!

(وسائل بخشش مرمم، ص۱۰۱،۱۰۰)

پسنديده اُٺ صدقو ڪري ڇڏيا!

هڪ ڀيري حضرت سيدُنا ابوذَرغِفَاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايائون: مال ۾ ٽي حصيدار هوندا آهن: (۱) تقدير، هي اهو حصيدار آهي جنهن کي ڀلائي ۽ بُرائي (يعني مال يا تو کي هلاڪ ڪرڻ) ۾ تنهنجي اجازت جي حاجت ناهي۔ (۲) ٻيو حصيدار تنهنجو وارث، ان کي هن ڳالھ جو انتظار آهي ته تون مري وڃين ۽ هو تنهنجي مال تي قبضو ڪري وٺي ۽ (۳) ٽيون حصيدار تون پاڻ آهين۔ يقيناً توهان انهن ٻنهي حصيدارن کي عاجز نٿا ڪري سگھو، تنهنڪري پنهنجو مال راھ خدا ۾ خرچ ڪريو۔ بيشڪ الله پاڪ جو فرمانِ عاليشان آهي: