Book Name:Sadqy Kay Fwaeed
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: ”نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ“ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي.(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)
ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.
(2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.
٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
چئن دِرهمن جي بدلي ۾ چار دُعائون
اَمِيرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت ِ علّامه مَولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي مشهور تاليف ”فيضانِ سُنّت“ جي باب فيضانِ بسم الله، صفحي 114 تي لکن ٿا:
حضرت سَيدُنا مَنْصُور بن عَمّار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ ڏينهن بيان ڪري رهيا هئا، هڪ ڀيري سندن اجتماع ۾ ڪنهن حقدار چئن درهمن جو سوال ڪيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اعلان فرمايائون: جيڪو هن سوالي کي چار درهم ڏيندو مان ان جي لاءِ چار دعائون ڪندس۔ ان وقت اتان هڪ غلام گذري رهيو هو، هڪ ڪامل