Sadqy Kay Fwaeed

Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتّٰى تُنْفِقُوْا مِمَّا تُحِبُّوْنَ ﱟ (پ۴،اٰلِ عمران:۹۲)        

تَرْجموڪنز الايمان: اوهان ايستائين چڱائِئَ کي هرگِز نه پھچندؤ جيستائين پنهنجِي پيارِي شيءِ خرچ نه ڪندؤ.

          هن آيت سڳوري جي تلاوت ڪرڻ کان بعد پاڻ پنهنجي اُٺن ڏانهن اشارو ڪري فرمائڻ لڳا، مون کي منهنجي مال ۾ اهي اُٺ سڀ کان وڌيڪ پسند آهن ان ڪري مان انهن کي خيرات ڪري پنهنجي لاءِ آخرت ۾ ذخيرو ڪرڻ پسند ڪيان ٿو۔ (الزھد لهنادبن السري ، باب الطعام في الله ، ۱/۳۴۸، حديث : ۶۵۱)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! صدقو ڏيڻ جي فضيلتن ۽ فائدن جي ڇا ڳالھ ڪجي، اسان کي به هن دنيا ۾ رهي صدقو ۽ خيرات ڪري پنهنجي آخرت کي روشن ڪرڻ وارا ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ ڪهڙو نه سٺو ٿئي جو غريبن، مسڪينن، يتيمن، بيوائن، حاجَت مَندن ۽ رِشتيدارن سان گڏوگڏ اسان پنهنجو صَدَقو ۽ مدني عَطِيات نيڪي جي ڪمن، مَسجدن ۽ مَدارِس المدينه ۽ جامعات المدينه جي تَعْمِير ۽ تَرَقّي ۽ دِينِ اِسلام جي سربُلندي ۽ عِلمِ دِين جي فَروغ خاطِر عِلمِ دِين حاصِل ڪرڻ وارن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ دعوتِ اسلامي کي ڏئي پنهنجي آخرت جو سامان ڪريون۔

منقول آهي ته حضرت سَيدُنا عبدُالله بِن مُبارڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه (جيڪي امامِ اَعْظَم ابُو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا خاص شاگرد ۽ فقه حنفي جي امامن مان آهن) علم وارن ماڻهن سان خاص ڪري ڀلائي ڪندا هئا، انهن کي عرض ڪيو ويو: اوهان سڀني سان هڪ جھڙو معاملو ڇو نٿا رکو؟ فرمايائون: انبياء (عَلَيهمُ الصَّلٰوة السَّلَام ۽ صحابهٔ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان) کان پوءِ عالمن کان علاوه ٻئي ڪنهن جي مقام کي بُلند نٿو سمجھان، هڪ به عالِم جو ڌيان پنهنجي حاجتن جي ڪري هٽندو ته اهو صحيح طور تي ديني خدمت نه ڪري سگھندو ۽ دِيني تعليم ڏانهن ان جي دُرُست توجّه نه ويندي۔ تنهنڪري انهن کي علمي خدمت جي لاءِ فارِغ رکڻ اَفضَل آهي۔ (ضِيائے صَدَقات،ص۱۷۲)