Sadqy Kay Fwaeed

Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي تبليغِ دين جي تقريباً 107 شعبن ۾ نيڪي جون ڌومون مچائڻ ۾ ڪوشش ڪري عمل آهي۔ هن نازُڪ دَور ۾ جڏهن باطل قوّتون چئني طرف کان سڄي طاقت سان مسلمانن جي ايمان کي برباد ڪرڻ ۽ اُنهن کي گمراهي جي کڏ ۾ ڪيرائڻ جي ڪوششن ۾ مشغول آهن، اهڙي ۾ دعوتِ اسلامي اُمّيد جو ڏيئو بڻجي روشن ٿي ۽ هن مدني تحريڪ اُمّت جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي سهارو ڏيڻ، سڄي دُنيا ۾ تعليمِ قرآن ۽ سُنّت کي عام ڪرڻ، نُورِ قرآن سان سينن کي سرشار ۽ اُمَّتِ مُصطَفٰي کي خوابِ غفلت مان بيدار ڪرڻ جي جذبي جي تحت مختصر عرصي ۾ ڪيترن ئي ملڪن ۽ شهرن ۾ مدني منّن ۽ منّين جي لاءِ سوين مدرسا ”مدرسة المدينه“ جي نالي سان، جڏهن ته اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن جي تعليم ۽ تربِيت جي لاءِ جامعات بنام”جامعة المدينه“ جو بُنياد رکيو، هن ۾ بِلامبالغه هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون قُرآن ۽ سنت جي مُفت تعليم حاصل ڪندا آهن، جتي انهن کي قرآن جي زيور ۽ علمِ دين پڻ شرعي ۽ اخلاقي تربِيت سان آراسته ڪرڻ جو خصوصي سان اهتمام ڪيو ويندو آهي، ته جيئن دَورِ طالبِ علمي کان فارغ ٿيڻ بعد قوم جا اُهي حقيقي مِعمار مُعاشري جي بگاڙ کي سڌارڻ ۾ پنهنجو ڪردار اَدا ڪندي، اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي عطا ڪيل هن مدني مقصد جي تحت زندگي گُذارڻ وارا بڻجي وڃن ته ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

ياد رکو! دعوتِ اسلامي جي تحت هلڻ وارا اهي مدارِسُ المدينه ۽ جامعاتُ المدينه دِيني فضليت جي لحاظ سان وڏي اهميت جا حامل آهن، اهو ئي سبب آهي جو انهن مدارِسُ المدينه ۽ جامعاتُ المدينه کي قائم رکڻ جي لاءِ انهن تي مختلف اَخراجات جي مَد ۾ سالانه ڪروڙين نه اربين روپيا خرچ ڪيا ويندا آهن، تنهنڪري اوهان سان به عرض آهي ته علمِ دين جي طالبن جي دُعائن مان