Sadqy Kay Fwaeed

Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

حِصّو ماڻڻ، دعوتِ اسلامي جي ترقّي ۽ بقا ۽ مدارِس المدينه ۽ جامعات المدينه جي نظام کي مضبوط کان مضبوط تَرين بڻائڻ جي لاءِ زڪوٰة، فطرا، صَدَقا ۽ خَيرات، نفلي عطيات ۽ عُشر وغيره جي ذريعي نه صرف پاڻ تعاوُن ڪيو بلڪ پنهنجي عزيزن، پاڙيسرين ۽ دوست اَحباب تي انفرادي ڪوشش ڪري اُنهن کي به هن جي ترغيب ڏياريو، اسان جي زبان چَورڻ ۽ اسان جي اِنفرادي ڪوشش سان جيڪڏهن ڪنهن جو مدني ذهن بڻجي ويو ۽ اُن پنهنجي زڪوٰة، فطرا، صَدَقا ۽ خَيرات،نفلي عطيات يا عُشر وغيره دعوتِ اسلامي کي مدني ڪمن جي لاءِ ڏني ته اها اسان جي لاءِ به ثوابِ جاريه جو ذريعو بڻجي ويندي۔

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هزارين عاشقانِ رسول، مختلف انداز سان دعوت اسلامي جي مدني ڪمن جي لاءِ مالي تعاون جي سعادت حاصل ڪندا رهندا آهن، ٿي سگھي ٿو ته اسان مان ڪنهن جي ذهن ۾ سوال اچي ته ڀلا مان ڪهڙي نموني پنهنجو حصو دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن جي لاءِ شامل ڪري سگھان ٿو؟

اچو هڪ نهايت ئي آسان طريقو اوهان جي خدمت ۾ عرض ڪيان ٿو ته جنهن جي ذريعي غريب کان غريب به دعوتِ اسلامي جي مدني عطيات ۾ پنهنجو حصو شامل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھي ٿو، اهو ڇا آهي؟ ”مدني عطيات بڪس (Box)“ جي ذريعي مالي تعاون۔

دعوتِ اسلامي جي شعبي ”مجلس مدني عطيات بڪس“ جي طرفان هڪ بڪس جي ترڪيب ڪئي وئي آهي، اهي مدني عطيات بڪس دُڪانن، ڪارخانن، مارڪيٽن، شاپنگ مالز، ميڊيڪل اسٽورز ۽ دفترن وغيره ۾ رکڻ سان گڏوگڏ گھرن ۾ به رکيو ويندو آهي، ته جيئن اسان پنهنجي آسانيءَ کي ڏسندي روزانو ڪجھ نه ڪجھ رقم ان بڪس ۾ وجھندا رهون جيڪي دُڪاندار آهن اهي سٺين سٺين نيتن سان پنهنجي گراهڪن (Customers) تي اِنفرادي ڪوشش ڪري انهن کي به راھ خدا ۾ مال خرچ ڪرڻ جي ترغيب ۽ فضائل ٻڌائي انهن کي به پنهنجو حصو شامل ڪرڻ جي ترڪيب ڏياريو ته مدينه مدينه۔