Sadqy Kay Fwaeed

Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: جيڪا قوم زڪوٰة نه ڏيندي آهي ته الله پاڪ ان کي ڏڪار ۾ مبتلا فرمائيندو آهي۔ (معجم الاوسط،۳/۲۷۵،حديث:۴۵۷۷)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں ۽ آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع هوندو” تحمل مزاجي جي فضيلت“ جنهن ۾ سڀ کان پهريان تحمل مزاجي تي هڪ ايمان افروز حڪايت بيان ڪئي ويندي. تحمل مزاجي ڪنهن کي چئبو آهي؟ اهو سڀ بيان ڪيو ويندو. حديث سڳورن  ۾ تحمل مزاجي عفو و درگذر جا  جيڪي فضائل بيان ٿيا آهن، اهي به ذڪر ڪيا ويندا. الله وارن جي تحمل مزاجي جا ڪجھ واقعا، غصي کي قابو ڪرڻ جا به ڪجھ طريقا بيان ڪيا ويندا. حضرت سيدنا امير معاويه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ۽ حضرت امام جعفر صادق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو عرس مبارڪ به ڇوته هن ئي مهيني ۾ آهي، انڪري مختصر انهن جي سيرت جون جهلڪيون به ٻڌنداسين. لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد