Sadqy Kay Fwaeed

Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

صدْرُ الافَاضِل حضرت علّامہ مولانا مُفتي سيِّد محمد نعيمُ الدين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه آيتِ مبارڪه جي هن حصي﴿ وَ مِمَّا رَزَقْنٰهُمْ یُنْفِقُوْنَۙ(۳) تحت فرمائن ٿا ٭ راھِ خدا ۾ خرچ ڪرڻ مان يا ته زڪوٰة مراد آهي، جيئن ته ٻي جڳھ تي ارشاد فرمايو: ﴿ یُقِیْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ یُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ يا مُطلقًا انفاق (يعني راھِ خدا ۾ مُطلقًا خرچ ڪرڻ مراد آهي) ٭ چاهي فرض ۽ واجب هجي، جيئن زڪوٰت، نذر، پنهنجي ۽ پنهنجي گھروارن جو نفقو (خرچ) وغيره ٭ چاهي مستحب جيئن نفلي صدقا ۽ ميِّتن جو ايصالِ ثواب وغيره. مسئلو: يارهين شريف، فاتحه، ٽيجھو، چاليهو به ان ۾ داخل آهن اُهي سڀ نفلي صدقا آهن. (خزائن العرفان ،ص۵)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي ڏاڍا خُوش نَصِيب آهن اهي مُسَلمان جيڪي پنهنجي مال جا حُقُوقِ واجِبه ادا ڪن ٿا، ٭ خُوش نَصِيب آهن اهي مُسَلمان جيڪي خُوش دِلي سان وقت تي پوري پوري زڪوٰة ۽ فطرو ادا ڪن ٿا، ٭ خُوش نَصِيب آهن اهي مُسَلمان جيڪي پنهنجي مال کي ماءُ پيء، ڀيڻ ڀائر ۽ اولاد تي خَرچ ڪن ٿا، ٭ خُوش نَصِيب آهن اهي مُسَلمان جيڪي پنهنجي رِشتيدارن (Relatives) جي مَوت تي انهن جي اِيصالِ ثواب جي لاءِ ٽيجھو، ڏهو، چاليهو، ورسي وغيره ڪري مسڪينن کي کاڌو کارائن ٿا۔ ٭ خُوش نَصِيب آهن اهي مُسَلمان جيڪي اِيصالِ ثواب جي لاءِ مدني رسالا ورهائن ٿا، ٭ خُوش نَصِيب آهن اهي مُسَلمان جيڪي سٺين سٺين نيتن سان لنگرِ رضويه (يعني مسلمانن کي کاڌو کارائڻ، سحري ۽ اِفطاري ڪرائڻ) جي ترڪيب ڪن ٿا، ٭ خُوش نَصِيب آهن اهي مُسَلمان جيڪي حُقُوقِ عامّه جو لِحاظ رکندي اِخلاص سان قُرآن خواني، اِجتماعِ ذِڪر ۽ نَعْت ۽ سُنّتن ڀري اِجتماعن جي اِنعِقاد تي خَرچ ڪن ٿا، ٭ خُوش نَصِيب آهن اهي مُسَلمان جيڪي مسجدن، جامعة المدينه، مدرسة المدينه وغيره جي تَعمِير ۽ ترقّي ۽ روزانو جي خرچن ۾ حصو وٺن ٿا، ٭ خُوش نَصِيب آهن اهي مُسَلمان جيڪي ديني شاگردن تي پنهنجو