Sadqy Kay Fwaeed

Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

مال خرچ ڪن ٿا. اخلاص سان اهڙي طرح خرچ ڪرڻ وارن کي الله پاڪ پنهنجي فَضل سان ٻيڻو بلڪ ان کان به وڌيڪ عطا فرمائيندو. اچو اسان به هٿوهٿ نيت ڪريون ٿا ته الله پاڪ جي رِضَا جي لاءِ نه صرف پاڻ پنهنجا مدني عَطِيات دعوتِ اسلامي کي ڏينداسين، بلڪ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيارينداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ 

میں سب دَولت رہِ حَق میں لُٹا دوں

شَہا ایسا مجھے جذبہ عَطا ہو!

عَطا کر دو مجھے وہ بھیک داتا

مِرے سارے قبیلے کا بھلا ہو

                                                              (وسائل بخشش مرمم، ص۳۱۶)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! قرآن ۽ حديث ۾ صَدَقو ۽ خيرات ڪرڻ ۽ الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ جون ڪيئي فضيلتون بيان ٿيون آهن۔ راھ خُدا ۾ خَرچ ڪرڻ، اِنسان جي پنهنجي ذات جي لاءِ به فائديمند آهي، جيڪي ماڻهو دل کولي نيڪي جي ڪمن ۾ خرچ ڪن ٿا، غريبن محتاجن جي مدد ڪن ٿا اُنهن جي مال ۾ حيرت انگيز طور تي ڏينهن رات ٻيڻ تي ترقّي ۽ برڪت ٿيندي آهي۔ جيئن سيپارو 3 سُوْرَة الْبَقَرَة  آيت نمبر 261 ۾ ارشاد آهي:

مَثَلُ الَّذِیْنَ یُنْفِقُوْنَ اَمْوَالَهُمْ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ كَمَثَلِ حَبَّةٍ اَنْۢبَتَتْ سَبْعَ سَنَابِلَ فِیْ كُلِّ سُنْۢبُلَةٍ مِّائَةُ حَبَّةٍؕ-وَ اللّٰهُ یُضٰعِفُ لِمَنْ یَّشَآءُؕ-وَ اللّٰهُ وَاسِعٌ عَلِیْمٌ(۲۶۱)                      

ترجمو ڪنزالايمان: انهن جو مثال جيڪي پنهنجو مال الله جي واٽ ۾ خرچ ڪندا آهن اُن داڻي وانگر جنهن ڄمايا ست سنگ هر سنگ ۾ سؤ داڻا الله ان کان به وڌيڪ وڌائي ٿو جنهن لاءِ گهري، ۽ الله وسعت وارو علم