Tahammul Mizaje Ki Fazilat

Book Name:Tahammul Mizaje Ki Fazilat

مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي 101مدني گل مان نڇ ڏيڻ جون ڪجھ سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: پهريان ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: ]1[ الله عَزَّوَجَلَّ کي نِڇ پسند آهي۽ اوٻاسي ناپسند ۔ (بخاري ج 4 ص 163 حديث 6226) ]2[ جڏهن ڪنهن کي نڇ اچي۽ اُهو اَلْحَمْدُلِلّٰہِ چوي ته ملائڪ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ چوندا آهن ۽ جيڪڏهن اُهو رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ چوندو آهي ته ملائڪ چوندا آهن: الله عَزَّوَجَلَّ تو تي رحم فرمائي۔ (المعجم الڪبير ج 11 ص 358 حديث 12284) ٭ نڇ جي وقت مٿو جهڪايو، منهن لڪايو، ۽ آواز آهستي ڪڍو، نِڇ جو آواز بلند ڪرڻ بيوقوفي آهي۔ (ردالمحتار ج 9 ص 684) ٭نِڇ اچڻ وقت اَلْحَمْدُلِلّٰہ چوڻ گهرجي۔ (خزائن العرفان صفحي 3 تي طحطاوي جي حوالي سان نڇ اچڻ تي حمد الـٰهي کي سنتِ مؤَڪده لکيو آهي) بهتر اهو آهي ته اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ يا اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ عَليٰ کُلِّ حَال چوي ٭ ٻڌڻ واري تي واجب آهي ته فورًا يَرْحَمُکَ الله (يعني اللهعَزَّوَجَلَّ توتي رحم فرمائي) چوي ۽ ايتري آواز سان چوي جو نڇ ڏيڻ وارو پاڻ ٻڌي۔ (بهار شريعت، جلد 3 حصو 16، ص 476) ٭ جواب ٻڌي نڇ ڏيڻ وارو چوي: یَغْفِرُ اللهُ لَنَا وَ لَکُمْ (يعني الله پاڪ اسان جي ۽ توهان جي بخشش فرمائي) يا هي چوي: یَھْدِیْکُمُ اللهُ وَ یُصْلِحُ بَالَکُمْ (يعني الله پاڪ توهان کي هدايت ڏي ۽ توهان جو حال صحيح ڪري) .    (فتاويٰ هنديۃ،۵ /۳۲۶)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهو. سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان