Book Name:Tahammul Mizaje Ki Fazilat
وَ الْكٰظِمِیْنَ الْغَیْظَ وَ الْعَافِیْنَ عَنِ النَّاسِؕ-وَ اللّٰهُ یُحِبُّ الْمُحْسِنِیْنَۚ(۱۳۴)
ترجموڪنزالايمان: ۽ غصو پيئڻ وارا ۽ ماڻهن کان درگذر ڪرڻ وارا ۽ نيڪ ماڻهو الله (عَزَّوَجَلَّ) جا محبوب آهن۔
جڏهن ته هڪ ٻي آيتِ مبارڪه ۾ عَفو و درگذر ۽ بُردباري جي تعليم هن طرح ڏياري وئي آهي، جيئن سيپاري 18 سُورهٔ نُور جي آيت نمبر 22 ۾ اِرشاد آهي:
وَ لْیَعْفُوْا وَ لْیَصْفَحُوْاؕ-اَلَا تُحِبُّوْنَ اَنْ یَّغْفِرَ اللّٰهُ لَكُمْؕ-وَ اللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِیْمٌ(۲۲)
ترجموڪنزالايمان: ۽ گهرجي ته معاف ڪن ۽ درگذر ڪن ڇا توهان ان کي دوست نه ٿا رکو ته الله توهان جي بخشش ڪري ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي.
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته معاف ڪرڻ ۽ درگذر ڪرڻ الله پاڪ کان مغفرت حاصل ڪرڻ جو سبب آهي ۽ اها عادت الله ڪريم کي گھڻي پسند آهي۔ هن ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته شيطان اِنسان جو اَزَلي دشمن (Enemy) آهي، جيئن ته الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
اِنَّ الشَّیْطٰنَ یَنْزَغُ بَیْنَهُمْؕ-اِنَّ الشَّیْطٰنَ كَانَ لِلْاِنْسَانِ عَدُوًّا مُّبِیْنًا(۵۳) (پ۱۵،بني اسرائيل:۵۳)
ترجموڪنزالايمان: بيشڪ شيطان انهن جي وچ ۾ فساد وجهي ٿو. بيشڪ شيطان ماڻهوءَ جو کليو دشمن آهي۔
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
٭ شيطان ڪڏهن به اهو پسند نه ڪندو ته مسلمان هڪٻئي ۾ مُتَّحد رهن، ٭ شيطان هرگز اهو نه چاهيندو ته مسلمان هڪ ٻي جي خير خواهي ڪن، ٭ شيطان ڪڏهن به اهو پسند نه ڪندو ته مسلمان هڪ ٻي جي عزّت ۽ ناموس جا