Tahammul Mizaje Ki Fazilat

Book Name:Tahammul Mizaje Ki Fazilat

مُحافِظ بڻجن، ٭ شيطان هرگز اهو برداشت نه ڪندو ته مسلمان هڪ ٻي جي غَلَطين کي نظر انداز ڪن، ٭ شيطان هرگز اهو نه چاهيندو ته مسلمان درگذر سان ڪم وٺن۔ ٭ شيطان هرگز اهو نه چاهيندو ته مسلمان پنهنجا حق معاف ڪري ڇڏين، ٭ شيطان هرگز اهو نه چاهيندو ته مسلمان هڪ ٻي جي حقن جو لحاظ رکن۔ ٭ شيطان هرگز اهو نه چاهيندو ته مسلمان هڪ ٻي سان تعاون ڪن۔ بلڪه ٭ شيطان ته اهو چاهيندو ته مسلمان پاڻ ۾ خوب لڙائي جھيڙو ڪن۔ ٭ شيطان ته اهو چاهيندو ته مسلمان هڪ ٻي جي عزتن کي لتاڙين۔ ٭ شيطان ته اهو چاهيندو ته مسلمان بداخلاقي ۽ بريون ڳالهيون ڪن۔ ٭ شيطان ته اهو چاهيندو ته مسلمان هڪ ٻي کي خوب گاريون ڏين۔ ٭ شيطان ته اهو چاهيندو ته جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي هڪ چماٽ هڻي ته بدلي ۾ ٻيو ٻه چماٽون هڻي۔ ٭ شيطان ته اهو چاهيندو ته جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي هڪ مُڪ يا لَت هڻي ته بدلي ۾ ٻيو ڪيئي مُڪون ۽ لتون هڻي۔ ٭ شيطان ته اهو چاهيندو ته جيڪڏهن ڪنهن مسلمان جي گاڏي غلطيءَ سان ٻئي جي گاڏي سان ٽڪرائجي ته هاڻي وچ بازار ۾ گارين ۽ مُڪن جي بارش ٿي وڃي۔ ٭ شيطان ته اهو چاهيندو ته جيڪڏهن ٻارن جي امڙ کان ڪا غلطي سرزد ٿي وڃي ته ان کي گھڻا طعنا ڏنا وڃن ۽ ذليل ڪيو وڃي۔ ٭ شيطان ته اهو چاهيندو ته خاندان جي ڪنهن فرد جي غلطي کي پنهنجي انا جو مسئلو بڻائي سڄي زندگي جي لاءِ ان جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي۔ ٭ شيطان ته اهو چاهيندو ته ملازم ۽ ماتحت جي ننڍي ڀُل چڪ تي ان کي گھڻو ذليل ڪيو وڃي۔ ٭ شيطان ته اهو چاهيندو ته وڏي رتبي ۽ وڏي عهدي وارو مسلمان ٻين کي حقير سمجھي پاڻ کان ننڍن کي ڪيولي برابر سمجھن۔ مطلب ته! ٭ شيطان ته اهو چاهيندو ته مسلمان پاڻ ۾ وڙهندا رهن۔ هاڻي اسان کي سوچڻ گھرجي ته اسان پنهنجي معاملات ۾ شيطان جي پيروي ڪري رهيا آهيون يا ربّ رحمٰن جي پيروي ڪري رهيا آهيون۔ شيطان اهو چاهي ٿو ته مسلمان ننڍين ننڍين ڳالهين تي جھيڙو ڪرڻ لڳن جڏهن ته ربّ رحمٰن اهو ئي حڪم فرمايو آهي ته مسلمان هڪٻئي جي غلطي کي درگذر