Hmesha Sach Bolye

Book Name:Hmesha Sach Bolye

ان جو ڪلام خطا ڪارن ۽ گناهن جي بيمارن جي لاءِ دوا جو ڪم ڏيڻ لڳندو آهي۔ اها ڳالھ بيان ڪرڻ کان بعد حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پڇا ڪئي: ڇا توهان اهڙن ماڻهن کي ڏٺو آهي جيڪي هن رُتبي تي فائز ٿيا؟ پوءِ پنهنجو پاڻ کي مخاطب ڪندي فرمايائون: ها! ڇو نه، خدا جو قسم! اسان اهڙن ماڻهن کي ڏٺو آهي ۽ اهي حضرت سيدُنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه آهن، اهي حضرت سيدُنا سعيد بن جبير رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه آهن ۽ انهن جھڙا ٻيا خوش بخت انسان آهن، هي اهي ماڻهو آهن جو انهن مان هڪ شخص جي ڪلام سان الله پاڪ هزارين ماڻهن کي زندگي بخشيندو آهي يعني انهن جو ڪلام ٻڌي الله پاڪ جي رحمت سان هزارين انسان بُرائي جي راھ ڇڏي نيڪي جي رستي جا مسافر بڻجي ويندا آهن۔     (الله والوں ڪي باتيں، ۲/۵۴۸بتغير)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

سچ آخرت ۾ فائدو ڏيندو

          عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو ته سچ جون وڏيون برڪتون آهن۔ سچ هڪ اهڙي خُوبي آهي جيڪا نه صرف هن دنيا ۾ انسان کي ڪاميابي ڏياريندي آهي بلڪ آخرت ۾ به سچ ڳالهائڻ وارا سرفراز (يعني ڪامياب) ٿيندا۔ قرآنِ پاڪ ۾ بالڪل واضح طور تي انهيء ڳالھ کي بيان ڪيو ويو آهي، جيئن سيپاري 7 سوره مائده، آيت 119 ۾ ارشاد آهي:

  

هٰذَا یَوْمُ یَنْفَعُ الصّٰدِقِیْنَ صِدْقُهُمْؕ-لَهُمْ جَنّٰتٌ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِیْنَ فِیْهَاۤ اَبَدًاؕ-رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهُمْ وَ رَضُوْا عَنْهُؕ-ذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِیْمُ(۱۱۹)

ترجمو ڪنزُالايمان: هيء آهي اهو ڏينهن جنهن ۾ سچن کي سندن سچ ڪم ڏيندو، انهن جي واسطي باغ آهن جن جي هيٺيان نهرون جاري آهن، هميشه هميشه انهن ۾ رهندا الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي الله کان راضي، اها آهي وڏي ڪاميابي.

(پ ۷، المائد ه: ۱۱۹)   

      مُفسّرِ قرآن، حضرت علامه اسمٰعيل حقّي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن آيت سڳوري