Hmesha Sach Bolye

Book Name:Hmesha Sach Bolye

تحت جيڪو ڪجھ ارشاد فرمايو آهي، ان جو خلاصو مدني گلن جي صورت ۾ هن طرح آهي: ٭ سچ ڳالهائڻ وارن کي قيامت جي ڏينهن سچ نفعو ڏيندو۔ ٭ دنيا ۾ ڳالهايو ويندڙ ڪوڙ ۽ ڪيو ويندڙ ڏيکاء قيامت جي ڏينهن ڪنهن صورت نفعو نه ڏيندا بلڪ اُلٽو ڦاسائيندا۔ ٭ عقل مند انسان کي سچائي جي راھ تي هلڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ ٭ سچائي کي اختيار ڪرڻ انسان کي نيڪ عملن ڏانهن راغب ڪندو آهي۔ (روح البيان، المائدۃ، تحت الآيۃ: ۱۱۹، ۲/۴۶۷-۴۶۸ ملخصاً)

هڪ ٻي هنڌ تي قرآنِ پاڪ ۾ ارشادِ رباني آهي:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَ كُوْنُوْا مَعَ الصّٰدِقِیْنَ(۱۱۹)

ترجمو: اي ايمان وار‍ؤ! الله کان ڊڄو ۽ سچن جي صحبت ۾ هجو. (پ11،توبه،آيت119)

 

تفسير صراط الجنان ۾ هن آيت سڳوري تحت آهي يعني انهن ماڻهن سان گڏ ٿي وڃو جيڪي ايمان ۾ سچا آهن، جيڪي مخلص آهن ۽ جيڪي رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي اِخلاص سان تصديق ڪن ٿا۔ (صراط الجنان، ۴/۲۵۷)

دوستي ڪنهن سان ڪئي وڃي؟

      عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون!  آيت ۽ ان جي تفسير مان معلوم ٿيو ته ٭ انهن سان گڏ رهيو وڃي جيڪي نيڪ هجن۔ ٭ اُنهن جي صحبت اختيار ڪئي وڃي جيڪي پرهيزگار هجن۔ ٭ اُنهن سان تعلق رکڻ گھرجي جيڪي سچ ڳالهائڻ واريون هجن۔ ٭ اُنهن جي صحبت اختيار ڪرڻ گھرجي جيڪي ڪوڙ کان بچڻ واريون هجن۔ ٭ اُنهن اسلامي ڀينرن کان تعلق بنائڻ گھرجي جيڪي شريعت تي عمل ڪرڻ واريون هجن۔ ٭ اُنهن اسلامي ڀينرن کان تعلق بنائڻ گھرجي جيڪي نماز روزي جون پابند هجن۔ ٭ اُنهن اسلامي ڀينرن سان گڏ رهڻ گھرجي جيڪي الله پاڪ کان ڊڄڻ واريون هجن۔ ٭ اُنهن اسلامي ڀينرن جي صحبت اختيار ڪرڻ گھرجي جيڪي عشقِ رسول جون پيڪر هجن۔ ٭ اُنهن اسلامي ڀينرن سان گڏ رهڻ گھرجي جيڪي صحابه ۽ اهلبيت ۽ اولياءِ ڪرام