Hmesha Sach Bolye

Book Name:Hmesha Sach Bolye

جي محبت سان سرشار هجن۔ ٭ اُنهن اسلامي ڀينرن جي صحبت اختيار ڪرڻ گھرجي جيڪي فڪرِ آخرت سان بيقرار هجن۔ ٭ اُنهن اسلامي ڀينرن جي صحبت اختيار ڪرڻ گھرجي جيڪي موت، قبر، ميدانِ محشر ۽ خوفِ جهنم کان اشڪبار رهنديون هجن۔ ٭ اُنهن اسلامي ڀينرن سان گڏ رهڻ گھرجي جيڪي سنت ۽ شريعت جون پابند هجن۔ مطلب ته! ٭ اُنهن اسلامي ڀينرن سان دوستي ڪرڻ گھرجي جيڪي الله پاڪ ۽ ان جي رسول سان محبت رکنديون هجن۔ يعني اسان جي دوستين جو معيار دِين ۽ شريعت جي پاسداري هئڻ گھرجي۔ افسوس! اڄ اسان دوستي پهريان ڪنديون آهيون سوچينديون بعد ۾ آهيون ته   ان جون عادتون ڪهڙيون آهن؟ ان جو مزاج ڪهڙو آهي؟ ۽ هوءَ دِين ۽ شريعت جي پابند ڪيتري آهي۔  ياد رکو!  دوستي انهيء سان ڪرڻ گھرجي جيڪا ديندار هجي۔      

 ديندار دوست تلاش ڪرڻ جي ترغيب ڏيندي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِي الله عَنْه فرمائن ٿا: سچا دوست ڳولهيو ۽ انهن جي پناھ ۾ زندگي گذاريو ڇوته هو خوشي جي حالت ۾ زينت ۽ آزمائش جي وقت سامان آهن ۽ ڪنهن گناهگار جي صحبت اختيار نه ڪريو نه ته ان کان گناھ ڪرڻ ئي سکندؤ۔ (احياء العلوم، ڪتاب آداب الالفۃ والاخوۃ۔۔۔ الخ، الباب الاول في فضيلۃ الالفۃ والاخوۃ۔۔۔ الخ، بيان الصفات المشروطۃ فيمن تختار صحبته، ۲/۲۱۴)

 مِنهاجُ العابدين پڙھڻ واري مدني انعام تي عمل ڪريو

    عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون!  ياد رکو! چڱي ۽ نيڪ صحبت انسان کي سٺو ۽ نيڪ بڻائيندي آهي جڏهن بُري صحبت بُرائين ڏانهن وٺي ويندي آهي۔ چڱي ۽ نيڪ صحبت جو هڪ بهترين ذريعو عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو پيارو پيارو مدني ماحول به آهي۔ اوهان به هن مدني ماحول سان وابسته ٿيو، هن سان جتي نيڪ صحبت نصيب ٿيندي اتي هميشه سچ ڳالهائڻ ۽ ڪوڙ کان بچڻ جو به ذهن بڻجندو۔ لهٰذا اڄ ئي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ مدني انعامات تي عمل شروع ڪري ڇڏيو۔ مدني انعامات تي عمل جتي ڪوڙ، غيبت، چغلي ۽ گارين