Hmesha Sach Bolye

Book Name:Hmesha Sach Bolye

کان بچائيندو اتي دل ۾ خوفِ خدا ۽ عشقِ رسول جي شمع به روشن ڪندو۔ مدني انعام نمبر 61 امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي تصنيف ”مِنْهاجُ الْعابِدِين“ پڙھڻ تي مشتمل آهي، اهو مدني انعام مڪمل ڪجھ هن طرح آهي: ڇا اوهان هن سال گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي آخري تصنيف ” مِنهاجُ العابِدِين“ مان توبه، اخلاص، تقويٰ، خوف ۽ رَجا، عُجب ۽ ڏيکاء، اک، ڪن، زبان، دل ۽ پيٽ جي حفاظت جو بيان پڙھي يا ٻُڌي ورتو؟

لهٰذا هن مدني انعام تي عمل جي نيت سان ڪتاب مِنهاجُ العابِدِين پڙھڻ جي نيت ڪري وٺو۔ جيڪڏهن هن ڪتاب جو مطالعو ڪري به چڪيون آهيو، تڏهن به ان کي ٻيهر پڙهي وٺو، ان کي ٻُڌي نيڪ بڻجڻ ۽ فڪرِ آخرت ۾ تڙپڻ جو جذبو بيدار ٿيندو۔ الله پاڪ اسان کي رحمتون ۽ خوب خوب برڪتون نصيب فرمائي ۽ هميشه دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رکي۔ اٰمين بِجاه النَّبِي الْاَمين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اچو! ترغيب جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابستگي جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿيون،

رقت انگيز دعائن متاثر ڪيو

 پنجاب جي مقيم هڪ اسلامي ڀيڻ دعوت اسلامي جي مشڪبار مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان گهڻي گناهن ۾ مبتلا هئي. ان جي زندگي ۾ مدني انقلاب ڪجھ هن ريت آيو جو هڪ  ڏينهن دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀيڻ ان کي نيڪي جي دعوت ڏني، ۽ انفرادي ڪوشش ڪندي دعوتِ اسلامي جي تحت ٿيڻ واري اسلامي ڀينرن جي هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جو ذهن ڏنو. جنهن سبب اها دعوتِ اسلامي جي سنتن ڀري اجتماع ۾ اچي پهتي. تلاوت ۽ نعت شريف کانپوءِ ٿيڻ وارو سنتن ڀريو بيان ڏاڍو دلنشين ۽ پرتاثير هو. پوءِ ذڪرالله جو صدائون ۽