Hmesha Sach Bolye

Book Name:Hmesha Sach Bolye

روئي روئي گهري ويندڙ رقت انگيز دعائن ان کي ڏاڍو متاثر ڪيو. اجتماع ۾ ٿيڻ واري ذڪر سان ان جي دل کي ڏاڍو سڪون مليو. اهو ڏينهن ۽ اڄ جو ڏينهن! اها دعوتِ اسلامي واري بڻجي وئي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي برڪت سان مدني برقعو سجايائين ۽ هاڻي اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان تي استقامت حاصل آهي۔

” جيڪڏهن اوهان کي به دعوت اسلامي جي مدني ماحول جي ذريعي ڪا مدني برڪت ملي هجي ته آخر ۾ مدني بهار مڪتب ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو  

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

هر عمل جو ردِّ عمل آهي

      عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! اسان هميشه سچ ڳالهائڻ جي باري ۾ ٻُڌي رهيون هيوسين۔ هر عمل جو ردِّ عمل هوندو آهي، سچ جيئن ته هڪ نيڪ عمل ۽ سٺو ڪم آهي ان ڪري ان جو ردِ عمل (Reaction) به بهترين هوندو آهي۔ حديث سڳورين ۾ سچيون ڳالهيون سيکارڻ واري آقا، سڌي واٽ هلائڻ واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سچ ڳالهائڻ جون ترغيبون ارشاد فرمايون آهن۔ اچو! سچ ڳالهائڻ جي ترغيب بابت ٻه حديث سڳوريون ٻڌون ٿا:

فرمايائون: توهان تي سچ ڳالهائڻ لازم آهي ڇوته اهو نيڪي سان گڏ آهي ۽ اهي ٻئي جنت ۾ (کڻي ويندا) آهن۔ (الاحسان،ڪتاب الحظر والاباحۃ، باب الڪذب، ۷/۴۹۴،حديث:۵۷۰۴)

2۔ فرمايائون؛ بيشڪ سچائي ڀلائي جي طرف هدايت ڏيندي آهي ۽ ڀلائي جَنَّت ڏانهن وٺي ويندي آهي ۽ انسان برابر سچ ڳالهائيندو رهندو آهي ايستائين جو اللہ پاڪ وٽ صِدّيق ٿي ويندو آهي۔ (بخاری ، کتاب الادب، باب قول اللّٰہ تعالیٰ، ۴/۱۲۵، رقم:۶۰۹۴)

3۔ فرمايائون: هڪ شخص حاضر ٿي عرض ڪيائين: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! جنّتي ڪهڙو عمل ڪندو آهي؟ ارشاد فرمايائون: سچ ڳالهائڻ، انسان جڏهن سچ ڳالهائيندو آهي ته نيڪي ڪندو آهي ۽ جڏهن نيڪي