Hmesha Sach Bolye

Book Name:Hmesha Sach Bolye

ڪندو آهي ته محفوظ ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن محفوظ ٿي ويندو آهي ته جنت ۾ داخل ٿي ويندو آهي۔(مسند احمد ،مسند عبدالله ابن عمرو ،۲/ ۵۸۹،حديث:۶۶۵۲)

سچ خوبين جو مجموعو آهي:

      عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو سچ جون کوڙ برڪتون آهن، ٭ سچ هڪ نيڪي آهي۔ ٭ سچ جنّت ۾ وٺي ويندڙ ڪم آهي۔ ٭ سچ ڀلائي ڏانهن وٺي ويندو آهي۔ ٭ سچ خير کي ماڻڻ جو سبب آهي۔ ٭ سچ جنتين جي عملن مان آهي۔ ٭ سچ دنيا ۾ نجات ڏياريندو آهي۔ ٭ سچ قبر کي نورُ علٰي نُورُ ڪرڻ جو سبب آهي۔ ٭ سچ آخرت ۾ به فائدي جو سبب آهي۔ ٭ سچ سان معاشري ۾ روشني پکڙجندي آهي۔ ٭ سچ سان معاشرو خوشگوار ٿيندو آهي۔ ٭ سچ ذهني سڪون فراهم ڪندو آهي۔ ٭ سچ ڳالهائڻ واريءَ سان ڪيتريون ئي آفتون دور ٿينديون آهن۔   ٭ سچ انسان کي بااعتماد بڻائيندو آهي۔  مطلب ته! سچ دِين ۽ دنيا جي ڪيئي فائدن جو سبب بڻجي سگھي ٿو۔  

حَڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جيڪي سچ جا فائدا بيان ڪيا آهن، انهن کي دل جي ڪنن سان ٻڌو ۽ سچ تي ڪاربند رهڻ جو ذهن بڻايو۔ جيئن مفتي صاحب فرمائن ٿا:

سچ ڳالهائڻ جا ڏھه فائدا:

      (1) جيڪو شَخص سچ ڳالهائڻ جو عادي ٿي وڃي، اللہ اُن کي نيڪوڪار بڻائي ڇڏيندو۔ (2) ان جي عادت سُٺا ڪم ڪرڻ جي ٿي ويندي۔ (3) اُن جي بَرَڪت سان اهو مرڻ وَقت تائين نيڪ رهندو۔ (4) بُرائين کان بچندو۔ (5) جيڪو اللہ جي ويجھو صِدّيق ٿي ويندو ان جو خاتِمو چڱو ٿيندو۔ (6) اهو ہر قسم جي عَذاب کان مَحفُوظ رہندو۔ (7) ہر قسم جو ثَواب ماڻيندو۔ (8) دُنيا به اُن کي سچّو چوڻ، چڱو سمجھڻ لڳندي آهي۔ (9) اُن جي عزّت ماڻهن جي دِلين ۾ ويهي رهندي آهي۔ (مرآۃ المناجيح، ج۶/۴۵۲) (10) سچ هڪ اهڙو نُور آهي جيڪو سچ