Hmesha Sach Bolye

Book Name:Hmesha Sach Bolye

ڳالهائڻ وارن جي دلين جي ہدايت جو سبب بڻجندو آهي، جيتري قَدَر اُنهن کي پنهنجي رَبّ جو قُرب حاصِل ہوندو آهي، اوترو ئي انهن کي اهو نُور حاصِل ٿيندو ويندو آهي۔ (روح البيان، پ۲۲، الاحزاب، تحت الايۃ:۳۵، ۷/۱۷۵)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

      عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! هن ۾ ڪو شڪ ناهي! ته ڪجھ گھڙيون اهڙيون پڻ اينديون آهن جو ان ۾ سچ ڳالهائڻ مشڪل ۽ سچ کان هٽڻ آسان لڳي رهيو هوندو آهي، پر ياد رکو! جهڙي طرح وَاريءَ سان اڏيل عمارت ڪنهن به وقت هوا جي تيز جھوٽي سان ڪِري پوندي آهي، اهڙي طرح ڪوڙ جي بنياد تي قائم ٿيندڙ عمارت به ڪٿي نه ڪٿي ضرور ڪِري پوندي آهي۔ ان ڪري ڪيترا ئي مشڪل حالات هجن، ڪيتري ئي مشڪل درپيش هجي سچ جو دامن نه ڇڏڻ گھرجي۔ بظاهر ان جون اهڙيون برڪتون نظر اينديون آهن جو انسان حيران ٿي ويندو آهي۔ اچو اهڙي طرح جو هڪ واقعو ٻڌون ٿيون:

وڏي همت سان سچ ڳالهايو

      منقول آهي ته حَجّاج بِن يُوسُف هڪڙي ڏينهن ڪجهه قيدين کي قتل ڪرائي رهيو هو، هڪ قيدي اُٿي ڪري چوڻ لڳو: اي امير! منهنجو توتي هڪڙو حق آهي۔ حجاج پڇيو: اُهو ڪهڙو؟ چوڻ لڳو: هڪ ڏينهن فُلاڻو شخص توکي بُرو ڀلو چئي رهيو هو ته مون تنهنجو دِفاع (يعني بچاءُ) ڪيو هو۔ حجاج چيو: ان جو گواھ ڪير آهي؟ اُن شخص چيو: آئون الله تعالٰي جو واسطو ڏئي ڪري چوان ٿو ته جنهن اها ڳالهه ٻولهه ٻُڌي هئي اُهو گواهي ڏي، هڪ ٻئي قيديءَ اُٿي ڪري چيو: هائو اِهو واقعو منهنجي سامهون پيش آيو هو، حجاج چيو: پهرين قيدي کي آزاد ڪري ڇڏيو، پوءِ گواهي ڏيڻ واري کان پڇيائين: توکي ڪهڙي رڪاوٽ هئي جو تو اُن قيدي وانگر منهنجو دفاع (يعني بچاءُ) نه ڪيو؟ اُن سچائي کان ڪم وٺندي چيو: رڪاوٽ اِها هئي جو منهنجي دل ۾ تنهنجي پراڻي دشمني هئي، حجاج چيو: هِن کي به آزاد ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته