Hmesha Sach Bolye

Book Name:Hmesha Sach Bolye

هِن وڏي همت سان سچ ڳالهايو آهي۔ (وَفيات الاَعْيان لابن خلڪان:۲/۲۸،ازجھوٹا چور،ص:۱۹)

      عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! واقعي سچ ڳالهائڻ واري ڪڏهن نقصان ۾ ناهي رهندي، ان ڪري سچ کي پنهنجي عادت بنائڻ گھرجي۔ سچ ڳالهائڻ سان نه صرف دنيا بهتر ٿيندي آهي بلڪ آخرت ۾ به فائدو ٿيندو آهي۔ سچ ڳالهائڻ جي عادت آخرت جي لاءِ ڪيتري فائديمند آهي اچو ان بابت ٻه روايتون ٻڌون ٿيون:

سچائي سبب بلند درجات!

      حضرت سيدُنا بِشر بِن بَڪر رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مون حضرتِ سَيدُنا اِمام اوزاعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي عالم سڳورن جي هڪ جماعت سان جنت ۾ ڏسي ڪري پڇيو: حضرتِ سيدُنا امام مالڪ بن اَنَس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڪٿي آهن؟ چيائين: انهن جا درجات ته گھڻا بلند آهن۔ مون پڇا ڪئي: ڪنهن سبب؟ چيائين: سندن جي سچائي جي ڪري۔              (التمھيد، باب ذڪر عيون من اخبار مالڪ وذڪر فضل موطئه، ۱/۵۶)

سچ رحمتِ الٰهي ماڻڻ جو سبب آهي:

      حضرت ابو عبد الله رَمَلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا مون حضرت مَنصُور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي خواب ۾ ڏٺو، مون ان کي چيو: الله پاڪ اوهان سان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ انهن چيو ته الله ڪريم مون کي بخشي ڇڏيو ۽ مون تي رحم فرمايو ۽ مون کي اهو ڪجھ عطا فرمايو جنهن جي مون کي اميد نه هئي۔ مون چيو: اها ڪهڙي شيء آهي جنهن ذريعي انسان الله ڏانهن متوجھ ٿيندو آهي؟ انهن فرمايو: سچ۔ . (احياء العلوم، ۵/۱۱۶)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

  عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو ته سچ هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو ٻانهيءَ کي الله پاڪ جي رحمت جو حقدار ڪندو آهي، اهڙي طرح اهو به معلوم ٿيو ته ڪوڙ هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو ٻانهيءَ کي رِضاءِ الٰهي ۽ قُربِ الٰهي کان گھڻو پري ڪندو آهي۔ ان کان علاوه به ڪوڙ جون تباھ ڪاريون