Hmesha Sach Bolye

Book Name:Hmesha Sach Bolye

آهن۔ اچو! حديث سڳورين ۾ بيان ڪيل ڪجھ برائيون ٻڌون ٿيون:

 ڪوڙ جا ڀيانَڪ نتيجا:

٭ جڏهن ٻانهو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، ان جي بَدبُوءَ سبب ملائڪ هڪ مِيل پري ٿي ويندو آهي۔ (ترمذي، ڪتاب البر والصلۃ، باب ماجاء في الصدق والڪذب، الحديث: ۱۹۷۹،۳/ ۳۹۲) ٭  ڪوڙ ڳالهائڻ سڀ کان وڏي خِيانت آهي۔ (سنن ابي داود، ڪتاب الادب، باب في المعاريض،الحديث:۴۹۷۱،۴/۳۸۱) ٭ ڪوڙ ايمان جو مُخالِف آهي۔ (مسنداحمد،مسند ابي بڪر الصديق،۱/۲۲،حديث:۱۶) ٭ ماڻهن کي کلائڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ واري جي لاءِ هلاڪت آهي۔ (ترمذي،ڪتاب الزھد، باب ماجاء من تڪلم بالڪلمۃ ليضحڪ الناس، الحديث:۲۳۲۲، ۴/۱۴۲) ٭ ماڻهن کي کلائڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ وارو جهنَّم جي ايتري اونهائي ۾ ڪرندو آهي جيڪو آسمان ۽ زمين جي درمياني فاصلي کان وڌيڪ آهي۔ (شعب الايمان، باب في حفظ اللسان، الحديث:۴۸۳۲، ۴/۲۱۳) ٭ڪوڙ ڳالهائڻ واري جو چهرو ڪارو ٿي ويندو آهي.(شعب الایمان، باب في حفظ اللسان، الحدیث:۴۸۱۳، ۴/۲۰۸) ٭ڪوڙ ڳالهائڻ منافق جي علامتن مان هڪ علامت آهي. ٭ڪوڙ ڳالهائڻ وارا قيامت جي ڏينهن، الله پاڪ جي نزديڪ سڀ کان وڌيڪ ناپسنديده ماڻهن ۾ شامل هوندا. (مسلم، کتاب الایمان، باب خصال المنافق،ص:۵۳، حدیث:۲۱۰)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

  عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد