Hmesha Sach Bolye

Book Name:Hmesha Sach Bolye

ڳالھ ٻولھ جون سنتون ۽آداب

      اچو!  ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جا 11 مَدَني گل ٻڌي وٺون ٿيون:

      ]1[ مسڪرائي ۽ خوش اخلاقيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪيو ]2[ ننڍين اسلامي ڀينرن سان شفقت وارو ۽ وڏين اسلامي ڀينرن سان ادب وارو لهجو اختيار ڪيو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ثواب حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻنهي جي نزديڪ توهان معزز رهنديون ]3[ وڏي آواز سان ڳالهائڻ جيئن اڄڪلهه ماڻهو پاڻ ۾ ڳالهائيندا آهن، اهو سنّت نه آهي ]4[ کڻي هڪ ڏينهن جو ٻار هجي سٺين سٺين نيتن سان ان سان به اوهان توهان سان گفتگو ڪرڻ جي عادت بڻايو، اوهان جا اخلاق به عمدا ٿيندا ۽ ٻار به آدب سکندو ]5[ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت پردي جي جاءِ تي هٿ لڳائڻ، آڱرين سان بدن تان مير لاهڻ، ٻين جي سامهون بار بار نڪ کي هٿ لڳائڻ، يا نڪ يا ڪن ۾ آڱر وجهڻ، ٿُڪ اڇلائڻ سٺي ڳالهه ناهي، ان سان ٻين کي ڪراهت محسوس ٿيندي آهي ]6[ جيستائين ٻي اسلامي ڀيڻ ڳالهائي رهي هجي ته اطمينان سان ٻُڌو، ان جي ڳالهه ڪٽي پنهنجي ڳالهه شروع ڪرڻ سنّت ناهي ]7[ ڳالهه ٻولهه ڪندي بلڪ ڪنهن به حالت ۾ ٽهڪ نه ڏيو ڇوته سرڪار مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن به ٽهڪ نه ڏنو ]8[ گھڻو ڳالهائڻ ۽ هر هر ٽهڪ ڏيڻ سان رعب ختم ٿي ويندو آهي ]9[ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جو فرمانِ عاليشان آهي؛ ”جيڪو چپ رهيو ان نجات ماڻي۔“ (سنن ترمذي، ج 4 ص 225 الحديث 2509 ) ]10[ ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪجي ته ان جو ڪو صحيح مقصد به هئڻ گهرجي ۽ هميشه ٻئي اسلامي ڀيڻ  جي ظرف ۽ ان جي نفسيات جي مطابق ڳالهه ڪئي وڃي ]11[ بدزباني ۽ بي حيائي جي ڳالهين کان هر وقت پرهيز ڪريو، گارگند کان بچنديون رهو ۽ ياد رکو ته ڪنهن مسلمان کي بلااجازتِ شرعي گار ڏيڻ حرامِ قطعي آهي۔ (فتاوي رضويه، ج 21 ص 127)   

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد