Hmesha Sach Bolye

Book Name:Hmesha Sach Bolye

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! اڄ اسان سچ ڳالهائڻ بابت بيان ٻڌنديوسين۔ سڀ کان پهريان هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌنديوسين۔ سچ ۽ ڪوڙ جي وصف به بيان ڪئي ويندي۔ سچ جا فائدا به بيان ڪيا ويندا۔ صادق ۽ امين آقا، مهربان ۽ ڪريم آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيئي هنڌن تي سچ ڳالهائڻ جي ترغيب ارشاد فرمائي آهي، اهڙيون ڪجھ حديث سڳوريون به ٻڌنديوسين۔ سچ ڳالهائڻ جي برڪتن بابت ڪجھ حڪايتون به بيان ڪيون وينديون۔ سچ جي اُبتڙ ڪوڙ آهي ۽ ڪوڙ ڪيترو هلاڪ ڪندڙ آهي ان جون ڪجھ تباهيون به بيان ڪيون وينديون۔ ضمناً ڪيئي مدني گل به بيان ڪيا ويندا۔ ڪاش جو اسان مڪمل بيان مڪمل توجھ سان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ