Hmesha Sach Bolye

Book Name:Hmesha Sach Bolye

گھرجي۔ ڪڏهن سچائي جي اهڙي قوت ۽ برڪت ظاهر ٿيندي آهي جو عقل حيران ٿي ويندو آهي جيئن  هاڻي اسان ٻڌو ته سچ ڳالهائڻ جي برڪت سان ان نيڪ غلام کي نه صرف آزادي نصيب ٿي بلڪ ٻڪريون به انعام ۾ ملي ويون، اسان کي گھرجي ته اسان به هميشه سچ ڳالهايون، ڪيترو ئي ڏکيو وقت هجي، چاهي جان تي اچي وڃي تڏهن به سچ جو دامن نه ڇڏڻ گھرجي۔ ڇوته ڪوڙ ڪڏهن ڪڏهن بظاهر عارضي (Temporary) سڪون فراهم ڪندو آهي، پر جيئن ئي ڪوڙ جو پردو کڄي ويندو آهي، سڄو سڪون برباد ٿي ويندو آهي ۽ انسان ڪيئي پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي۔ دنيا ۾ جيڪڏهن ڪوڙ جو پردو نه کڄي تڏهن به آخرت ۾ ضرور پتو پوندو، تنهنڪري عقل مندي اها ئي آهي ته سچن جي پيروي ڪئي وڃي ۽ سچ ڳالهائڻ جي ئي عادت بڻائي وڃي.

  الله وارا ڪير آهن؟

   هن نيڪ ۽ سچي ٻڪرار جي ڪردار مان اهو به سبق ملي ٿو ته ٭ الله وارا اهي ئي هوندا آهن جيڪي هميشه سچ ڳالهائيندا آهن۔ ٭ الله وارا اهي ئي هوندا آهن جيڪي هميشه خوفِ خدا ۾ رهندا آهن۔ ٭ الله وارا اهي ئي هوندا آهن جيڪي شريعت جي خلاف ورزي ناهن ڪندا۔ ٭ الله وارا اهي ئي هوندا آهن جيڪي دِين جي پيروي ڪندا آهن۔ ٭ الله وارا اهي ئي هوندا آهن جيڪي علم ۽ عمل جا جامع هوندا آهن۔ ٭ الله وارا اهي ئي هوندا آهن جيڪي تقويٰ ۽ پرهيزگاري جو مَظهر هوندا آهن۔ ٭ الله وارا اهي ئي هوندا آهن جيڪي صاف سُٿري ڪردار جا مالڪ هوندا آهن۔ ٭ الله وارا اهي ئي هوندا آهن جيڪي مخلوق کان خوف زده ناهن ٿيندا بلڪ خالق جو ڊپ انهن جي دلين ۾ سمايل هوندو آهي۔ ٭ الله وارا اهي ئي هوندا آهن جيڪي ٻين جي رِضا جي لاءِ نه بلڪ صرف ۽ صرف رِضاءِ الٰهي جي لاءِ ڪم ڪندا آهن۔ ٭ الله وارا اهي ئي هوندا آهن جن جي نظر دنيا تي نه بلڪ دنيا بنائڻ واري تي هوندي آهي۔

 اي ڪاش! جو اسان به الله وارن جي نقشِ قدم تي هلڻ واريون بڻجي وڃون۔