Hmesha Sach Bolye

Book Name:Hmesha Sach Bolye

ٻه پوڙهيون پاڻ ۾ پاڙيسري (Neighbour) هيون، هڪ زبان جي تمام سٺي هئي جڏهن ته ٻي وڏي بدزبان هئي۔ اها پوڙهي جيڪا زبان جي گھڻي سٺي هئي، هڪ ڏينهن جھنگ ۾ هڪ وڻ جي هيٺيان ويهي رهي۔ اتفاق سان اونهاري، سياري ۽ برسات جي موسمن جو پاڻ ۾ جھيڙو ٿي پيو، سيارو چوندو هو ته مان سڀني موسمن کان ڀلو آهيان، اونهاري جي دعويٰ هئي ته تمام موسمن ۾ منهنجو ڪوئي مٽ ناهي، جڏهن ته برسات جي موسم جو چوڻ هو ته مون کان سٺو ٻيو ڪو موسم نه آهي۔ پاڻ ۾ انهن طئي ڪيو ته ڪنهن انسان کان فيصلو ڪرايون ٿا۔ اهي ٽئي ان جهنگ ۾ هلڻ لڳا، اچانڪ سامهون اها پوڙهي ويٺل نظر آئي، ٽنهين اتفاق ڪيو ته انهيء کان پڇا ڪيون ٿا۔ سڀ کان پهريان سياري جي مُند ان پوڙهي وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي: امڙ سائڻ اهو ٻڌايو ته سياري جي مُند ڪيئن آهي؟ پوڙهيءَ چيو: سياري جي مُند جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي، جڏهن ايندي آهي ته هر پاسي رونق اچي ويندي آهي، ڪٿي برف جون سفيد چادرون ڇانئجي وينديون آهن، ته ڪٿي گھرن ۾ چُلها ٻاريا ويندا آهن، گرما گرم چانھ  ۽ ڪَافِي جا مزا هوندا آهن، طرح طرح جا ميوا گھر ايندا آهن، اخروٽ ۽ کاڄا گھرايا ويندا آهن، سڀ مزي سان کائيندا آهن، مطلب ته! سياري جي ڇا ڳالھ ڪجي!! سياري جي مُند اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي ۽ پوڙهيءَ کي انعام ۾ هڪ هزار اشرفين (سون جي سِڪن) جي ٿيلهي ڏني۔ پوءِ اونهاري جو موسم پوڙهيءَ وٽ اچي چوڻ لڳو: پوڙهي امان! اهو ٻڌايو ته اونهاري جي موسم ڪيئن هوندي آهي؟ پوڙهي چوڻ لڳي: پٽ! اونهاري جو ڇا شان آهي، جڏهن ايندو آهي ته گھرن ۾ پکا هلايا ويندا آهن، برف واريون قُلفيون کاڌيون وينديون آهن، ٿڌي کير ۽ شربتن سان مهمانوازي ٿيندي آهي، فصل پَچڻ لڳندو آهي، شام ۾ ماڻهو ٿڌي پاڻي سان غسل ڪندا آهن، اڱڻ ۾ ڇٽڪار ڪيو ويندو آهي، پلنگ لڳايا ويندا آهن۔ مطلب ته! اونهارو ڀلو!! اونهارو به پنهنجي ساراھ ٻڌي خوش ٿيو ۽ هڪ هزار اشرفي جي ٿيلهي ان پوڙهيءَ کي انعام ۾ ڏنائين۔ پوءِ برسات جي مند ايندي آهي،