Hmesha Sach Bolye

Book Name:Hmesha Sach Bolye

ڪيئن هوندي آهي؟ پوڙهي ڪاوڙچي چيو: گرمي جو ڇا چئجي، ايندي آهي ته پگھر وهندو آهي، ڪپڙن مان ڌپ اچڻ لڳندي آهي، صبح جو تبديل ڪريون شام تائين وري ميرا ٿي ويندا آهن، صبح کان ئي گرم هوا هلڻ لڳندي آهي، اهو ئي شور ٿيندو آهي: هن کي گرمي لڳي، ڪنهن کي هيضو ٿيندو آهي ته ڪو اُس ۾ سڙي ويندو آهي، پاڻي پِي پِي ٿڪجي پوندا آهيون پر گرمي ختم نه ٿئي۔ گرمي ناراض ٿي اهڙي ڦوڪ هڻندي آهي جو ٻڍڙيء کي گرمي لڳي ويندي آهي۔ هاڻي برسات جي موسم ايندي آهي، چوندي آهي ٻڍڙي امان! اهو ٻڌائجو ته برسات جي موسم ڪيئن هوندي آهي؟ ٻڍڙي چوندي آهي: برسات کان خدا بچائي، بجلي چمڪندي آهي، بادل گجگوڙ ڪندا آهن ته هانءُ ڦاٽي پوندو آهي، بارش جو شور سڪون تباھ ڪندو آهي، پير ٻاهر رکون ته ڪپڙن سميت پِسي ويندا آهن، هر پاسي گپ هوندي آهي، رات ۾ مڇر ستائيندا آهن، ڏيڏرن جو شور سمهڻ ناهي ڏيندو اهڙي طرح نه رات جو سڪون ملندو آهي نه ڏينهن جو آرام۔ برسات جي مند اهڙي هوندي آهي۔ اهو ٻڌندي ئي برسات جي نگاھ بجلي بڻجي پوڙهي جي پير تي ڪرندي آهي ۽ پوڙهي اپاهج ٿي ويندي آهي۔   

 ائين  هڪ پوڙهي زبان جي سٺي استعمال تي ڪيئي فائدا ڪمائيندي آهي جڏهن ته ٻي پوڙهي زبان جي غلط استعمال ڪرڻ جي ڪري هروڀرو نقصان ۾ مبتلا ٿي ويندي آهي۔ معلوم ٿيو ته زبان جو سٺو استعمال ڪيئي فائدن جو حق دار بڻائيندو آهي، جڏهن ته زبان جو بُرو استعمال ڪيئي فائدن سان محروم به ڪندو آهي ۽ ڪيئي نقصانن جو سبب به ٿيندو آهي۔ تنهنڪري زبان جي چڱي استعمال جي عادت بنائڻ گھرجي۔

زبان جي چڱي ۽ صحيح استعمال جي هڪ صورت سچ ڳالهائڻ آهي جڏهن ته انهيء زبان جي غلط استعمال جي هڪ صورت ڪوڙ ڳالهائڻ آهي۔ سچ جون بيشمار برڪتون آهن، هميشه سچ ڳالهائڻ وارو انسان دنيا ۾ قدر