Hmesha Sach Bolye

Book Name:Hmesha Sach Bolye

جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آهي جڏهن ته ڪوڙ جون ڪيئي خرابيون آهن، انهن مان هڪ اها به آهي ته ڪوڙو انسان دنيا ۾ به ذليل ۽ خوار ٿيندو رهندو آهي، ماڻهو ان تي اعتماد به ناهن ڪندا ۽ نفرت جي نگاھ سان به ڏسندا آهن.

سچ ڪوڙ جي وصف:

     حقيقت جي مطابق قول ۽ فعل جو هئڻ سچ آهي، جڏهن ته واقعي جي خلاف قول ۽ فعل جو اظهار ڪوڙ آهي۔ سچ ڳالهائڻ جي عادت بنائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته هميشه ڪوڙ کان بچيو وڃي۔ بظاهر انسان اهو سمجھندو آهي ته هڪ ڀيري جي ڪوڙ سان ڪجھ ناهي ٿيندو پر اهو ئي هڪ ڀيري جو ڪوڙ سچ جي تمام بنيادن کي تباھ ڪندو آهي۔

هميشه سچ ڳالهائڻ واري جي گفتگو جون برڪتون

      جيڪڏهن انسان هميشه سچ ڳالهائيندو رهي، ڪڏهن به ڪوڙ جي داغن سان دامن داغدار نه ڪري ته سچ جون وڏيون برڪتون ظاهر ٿينديون آهن۔ حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جهڙي نموني کجور جي ٻُوٽي (Plant) جي شروعات هڪ ٽاري سان ٿيندي آهي، ان وقت اها ٽاري ايتري ڪمزور هوندي آهي جو جيڪڏهن ٻار ان کي ڪڍي يا ٻڪري کائي وٺي ته ان جي جڙ ئي ختم ٿي ويندي آهي۔ پوءِ ان ٽاري کي مسلسل پاڻي ڏنو ويندو آهي جنهن سان وڌندي ويندي آهي ايستائين جو ان جي هڪ مضبوط جڙ تيار ٿي ويندي آهي، پوءِ اها ئي ٽاري جيڪا پهريان گھڻي ڪمزور هئي هاڻي ڇانوَ به ڏيندي آهي ميوو به ڏيندي آهي۔ اهڙي طرح سچائي به شروع ۾ دل ۾ ڪمزور هوندي آهي۔ ٻانهو ان جي حفاظت ۽ سار سنڀار ڪندو رهندو آهي، ڪوڙ کان بچندو رهندو آهي ۽ سچ جي ٻُوٽِي (Plant) جي سار سنڀار ڪندو رهندو آهي، ان حفاظت جي سبب الله پاڪ سچائي کي مضبوطي عطا فرمائيندو آهي، سچ ڳالهائڻ واري تي پنهنجون برڪتون نازل فرمائيندو آهي۔ پوءِ اهو سچ ڳالهائڻ ۽ سچائي جي حفاظت ڪرڻ جي ڪري ٻانهو ان مقام تي پهچي ويندو آهي جو