Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

مطالبي ۽ حالات جي تقاضن جي ڪري ظاهر ڪيا، ڪو بيمار آيو ان کي ٺيڪ ڪري ڇڏيائون، کاڌو گھٽ هو ماڻهو گھڻا هئا کاڌو وڌيڪ ڪري ڇڏيائون، پاڻي نه هو ته آقا عَلَيۡهِ السَّلَام اڱرين مان پاڻي جا چشما جاري ڪري ڇڏيا، اهي تمام معجزا به آقا ڪريم، مهمانِ ربِّ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شان بيان ڪن ٿا۔ پر ڪجھ معجزا اهڙا آهن جيڪي الله پاڪ شانِ مصطفيٰ جي ظهور جي لاءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي عطا ڪيا۔ انهن مان هڪ معجزو آهي معجزهءِ قرآن۔ جڏهن ته ٻيو معجزو آهي معجزهءِ معراج۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جا سردار آهن ۽ سڀ کان اعليٰ ۽ سڀ کان بالا آهن۔

۽ هر نبي جو مُعجزو ان جي نُبُوَّت جو دليل هوندو آهي، معجزو ئي سچي ۽ ڪوڙي جي وچ ۾ فرق جو سبب هوندو آهي، الله پاڪ هر نَبي کي ان دَور جي ماحول ۽ ان جي اُمَّت جي عَقل ۽ فَهم جي مُناسِب مُعجِزَن سان نوازيو۔ حضرت سَيدُنا آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کان وٺي حضرت سَيدُنا عيسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام تائين جيترا انبياءِ ڪرام تشريف فرما ٿيا، الله ڪريم انهن تمام نبين کي تقريباً اُنهن جي دَور جي مطابق معجزا عطا فرمايا۔ مثال جي طور تي

حضرت مُوسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام جومعجزو

حَضْرتِ مُوسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي دَورِ نَبُوَّت ۾ جيئن ته جادُو ۽ جادُوگرن جا ڪارناما پنهنجي ترقّي جي اعليٰ تَرين مَنزل تي پهتل هئا، ان ڪري الله ڪريم پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي ”يدِبَيضا“ ۽ ”عَصا“ جا مُعجِزَا عطا فرمايا۔ )تفسير ڪبير، طه، تحت الآية: ۶۹، ۸/۷۴-۷۵، ملتقطاً(