Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

آهي جنهن ۾ اهو معجزو اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي عطا ٿيو ۽ انهيء رات ۾ الله ڪريم پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پنهنجي دِيدار سان مُشرَّف فرمايو ۽ پاڻ عالَمِ بيداري ۾ پنهنجين مبارڪ اکين سان پنهنجي ربّ جو ديدار ڪيو۔ اعليٰ حضرت امامِ اهلسنت ڪيتري پياري ۽ عشق ڀري انداز ۾ ان جي منظرڪشي فرمائن ٿا:

بندہ ملنے کو قریبِ حضرتِ قادر گیا

لمعۂ باطن میں گمنے جلوۂ ظاہر گیا

اللہ اللہ یہ عُلُوِّ خاصِ عبدیت رضا

بندہ ملنے کو قریبِ حضرتِ قادر گیا

  (حدائقِ بخشش، ص۵۲-۵۴)

اچو! عشقِ رسول ۾ جھومي نعرا لڳايو:

الله جي عنايت     مرحبا      معراج جي عظمت         مرحبا      اَقصيٰ جي شوڪت        مرحبا

بُراق جي قسمت   مرحبا      بُراق جي سُرعَت         مرحبا      نبين جي اِمامت            مرحبا

آقا جي رِفعت     مرحبا                 آسمان جي سِياحت                   مرحبا      مڪينِ لامڪان جي عظمت          مرحبا

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

     پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ پاڪ ۾ معراج واري واقعي ۽ معجزي جي ڪجهه حصي کي سيپاري 15سورهءِ بني اِسْرائيل جي آيت نمبر 1 ۾ هن طرح بَيان فرمايو ويو آهي:

سُبْحٰنَ الَّذِیْۤ اَسْرٰى بِعَبْدِهٖ لَیْلًا مِّنَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ اِلَى الْمَسْجِدِ الْاَقْصَا الَّذِیْ بٰرَكْنَا حَوْلَهٗ لِنُرِیَهٗ مِنْ اٰیٰتِنَاؕ-اِنَّهٗ هُوَ السَّمِیْعُ الْبَصِیْرُ(۱)                                                                                        

تَرْجمو ڪنزالايمان: پاڪائِي آهي اُن کي جيڪو پنهنجي ٻانهي کي راتورات وٺِي ويو، مسجدِ حرام کان مسجدِ اقصى تائين، جنهن جي چوڌارِي اسان برڪت رکِي، جِيئن اسان اُن کي پنهنجُون وڏيُون نِشانيُون ڏيکاريُون، بيشڪ اُهو ٻُڌندڙ ڏِسندڙ آهي.