Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

حَضْرتِ صدرُ ا لْافاضِل مولانا سيدمُفتي محمد نعيمُ الدِّين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهِ خَزائن العرفان ۾ هن آيت سڳوري تَحت جيڪو ڪجھ ارشاد فرمايو آهي، اچو! ان جو خلاصو ٻڌون ٿا:

٭ مِعراج شريف نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هڪ مُعجِزو آهي۔ ٭ مِعْراج شريف الله پاڪ جي اهڙي عظيم نعمت آهي جنهن سان حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو بارگاھ الٰهي ۾ ڪمالِ قُرب ظاهر ٿئي ٿو ۽ هي اهڙو معجزو آهي جيڪو مخلوق ۾ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کانسِواءِ  ڪنهن ٻي کي مُيسَّر نه ٿيو۔ ٭ مِعْراج شريف جاڳڻ واري حالت جسم ۽ رُوح ٻنهن سان ٿيو۔ (خزائن العرفان ،پ ۱۵، بني اسرائيل:تحت الآية المذڪورة)

معراج شريف جو انڪار ڪرڻ ڪيئن؟

صَدرُ الافاضِل حضرتِ علّامه مولانا سيد محمد نعيم الدين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهِ فرمائن ٿا: ستاويهين (27) رجب جو معراج ٿي۔ مڪي شريف کان حضور پُرنور (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جو بيت المقدس تائين رات جي ٿوري حصي ۾ تشريف کڻي وڃڻ نصِّ قرآني مان ثابت آهي۔ ان جو منڪر (انڪار ڪرڻ وارو) ڪافِر آهي ۽ آسمانن جي سير ۽ قرب وارين منزلن ۾ پهچڻ صحيح معتمد ۽ مشهور حديثن مان ثابِت آهي جيڪي حدِّ تَوَاتُر جي ويجھو پهتل آهن ان جو منڪر (انڪار ڪرڻ وارو) گمراھ آهي۔ (خزائن العرفان، پ۱۵، سورۃ بنی اسرائیل، تحت الآیہ:۱، ص۵۲۵.) عُروج يا اعراج يعني سرڪارِ نامدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پنهنجي مبارڪ اکين سان ديدارِ الٰهي ڪرڻ ۽ فَوقَ العَرْش (عرش کان مٿي) وڃڻ جو منڪر (انڪار ڪرڻ وارو) خطاڪار آهي۔ (کفریہ کلمات کے بارے میں سوال جواب، ص۲۲۷.)

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حُضُور فَخرِ مَوجُودات، سيدِڪائناتصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن عَظِيمُ الشَّان مُعجِزي تي اجايا اِعتراض ڪرڻ ڪا نئي ڳالھ نه آهي بلڪه پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُبارَڪ دور کان هاڻي تائين کوڙ ناسمجھ ۽ حقيقت کان ناواقف ماڻهو هن عظيم مُعجِزي جو اِنڪار ڪندا رهيا آهن، هڪ مُسَلمان جي لاءِ بس اهو ئي ڪافي آهي ته هن واقعي کي عقل جي تَرازُو ۾ تورڻ بدران