Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

الله پاڪ جي طاقت ۽ قُدرت کي پيشِ نظر رکي، ڇوته الله پاڪ هر شيء تي قادر آهي۔ هن ڳالھ کي وڌيڪ سمجھڻ جي لاءِ حضرتِ سَيدُنا سليمان عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي اُمّتي حضرت آصف بن برخيا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي اها ڪرامت به ذِهن ۾ رکي ته ان اَسّي(80) گز ڊگھو ۽ چاليھ (40) گز ويڪرو هيرن ۽ جواهرن سان سينگاريل تَخت اک ڇنڀ کان پهريان پهريان يمن کان ملڪِ شام ۾ پهچائي ڇڏيو هو، هن واقعي کي الله پاڪ سيپاري 19سُوْرَه ٔ نَمل جي آيت نمبر 40 ۾ هن طرح بيان فرمايو آهي:

قَالَ الَّذِیْ عِنْدَهٗ عِلْمٌ مِّنَ الْكِتٰبِ اَنَا اٰتِیْكَ بِهٖ قَبْلَ اَنْ یَّرْتَدَّ اِلَیْكَ طَرْفُكَؕ

(پ:۱۹، النمل:۴۰)

تَرْجمو ڪنزالايمان: ان عرض ڪيو جنهن وٽ ڪتاب جو علم هو ته مان ان کي بارگاھ ۾ حاضر ڪندس اک ڇنڀ کان پهريان

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو ته جڏهن الله پاڪ حضرتِ سَيدُنا سليمان عَلَيه الصَّلٰوة السَّلَام جي هڪ اُمَّتي کي سوين مِيل جي مُسافت تي مَوجُود اِنتهائي وَزني تخت اک ڇنڀڻ کان پهريان کڻي اچڻ جي طاقت عطا فرمائي آهي ته يقيناً اهو ئي رَبّ پنهنجي ذاتي قُدرت ۽ طاقت سان پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي رات جي ٿوري حصّي ۾ مڪان ۽ لامڪان جي سير ڪرائڻ تي به قادر آهي۔ تنهنڪري پنهنجي ايمان جي حفاظت جي لاءِ اهڙن ماڻهن جي بري صحبت کان پري رهو جيڪي پياري آقا، محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُعجِزَن ۽ ڪمالن جو اِنڪار ڪن ٿا ۽ مَعَاذَالله (الله جي پناههسندنصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان ۾ بي اَدَبيون ۽ گُستاخيون ڪن ٿا۔ منهنجا آقا اعليٰ حضرت،امامِ اهلسنَّت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهِ اِرشاد فرمائن ٿا:

حَیّ باقی جس کی کرتا ہے ثَنا                              مَرتے دَم تک اُس کی مِدحَت کیجئے

جس کا حُسن اللہ کو بھی بھا گیا                            ایسے پیارے سے مَحَبَّت کیجئے

                                                                                                  (حدائقِ بخشش، ۱۹۵)