Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

مختصر وضاحت: پهرين شعر جو مطلب آهي ته اهو خدا جيڪو حي ۽ باقي(هميشه باقي ۽ زندھ رهڻ واري ذات) آهي، جڏهن هو پنهنجي پياري جي تعريف فرمائي ٿو ته ان جي ٻانهن کي به مرڻ گھڙي تائين الله جي پياري جي تعريف ڪرڻ گھرجي۔ ٻي شعر جو مطلب آهي اسان جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو حُسن ۽ جمال اهڙو آهي جو خالقِ حُسن و جمال الله پاڪ کي به پسند آهي، اسان کي به انهيء پياري سان محبت ڪرڻ گھرجي جنهن جي حُسن سان ڪائنات ۾ بهار آئي آهي۔

حُسن و جمالِ مصطفیٰ  مرحبا صد مرحبا

اَوج و کمالِ مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا

عزّ و جلالِ مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا

عادات و خصالِ مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا

عظمت و شانِ مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا

آقا کی زلفیں مرحبا۔۔۔ آقا کا عمامہ مرحبا

آقا کا چہرہ مرحبا۔۔۔ آقا کی داڑھی مرحبا

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

معراج جي سفر جو خلاصو

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معراج جي واقعي جون ڪيئي حڪمتون عالم سڳورن بيان ڪيون آهن، اچو! پهريان مختصراً معراج جو واقعو ٻڌون ٿا، پوءِ ان جون ڪجھ حڪمتون به ٻڌنداسين، مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”تفسيرِ صِراطُ الجنان“جلد 5 صَفحي 414 ۽ 415 تي آهي: معراج جي رات حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿيا، پاڻ سڳورن عَلَيۡهِ السَّلَام کي معراج جي خوشخبري ٻُڌايائين ۽ سندن مُقَدَّس سينو کولي ان کي زَمْ زَم جي پاڻي سان