Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

ڌوتائون، پوءِ ان سيني کي حڪمت ۽ اِيمان سان ڀريائون۔ ان کان پوءِ تاجدارِ رسالت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ بُراق (نالي سُواري) پيش ڪئي ڪيائين ۽ انتهائي اِڪرام ۽  اِحترام سان ان تي سُوار ڪري مسجد ِاقصيٰ ڏانهن وٺي ويا۔ بَيتُ المَقدِس ۾ نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سمورن نبين ۽ رسولن عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام جي اِمامت ڪيائون۔ پوءِ اتان کان آسمانن جي سير ڏانهن مُتَوَجِّه ٿيا، حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام واري واري سان سمورن آسمانن جا دروازا کولرايا، پهرين آسمان تي حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام، ٻي آسمان تي حضرت يحييٰ ۽ حضرت عيسيٰ عَلَيهمَا الصَّلٰوة وَالسَّلَام، ٽئين آسمان تي حضرت يوسف عَلَيۡهِ السَّلَام، چوٿين آسمان تي حضرت ادريس عَلَيۡهِ السَّلَام، پنجين آسمان تي حضرت هارون عَلَيۡهِ السَّلَام، ڇهين آسمان تي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ ستين آسمان تي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام حُضورِ  اَقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ۽ ملاقات سان مُشَرَّف ٿيا، اُنهن حُضورِ اَنور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عزّت ۽ تڪريم ڪئي ۽ تشريف آوري جون مبارَڪون ڏنيون، ايستائين جو نبي اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ آسمان کان ٻي آسمان ڏانهن سير ڪيائون ۽ اتان جا عجائبات ڏسندي تمام مُقَرَّبِين جي آخري منزل سِدرَة الۡمُنتَهٰي تائين پهتا۔ هن هنڌ کان اڳتي وڌڻ جي جيئن ته ڪنهن مُقَرَّب ملائڪ جي به مجال نه آهي، ان ڪري حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام اڳتي گڏ وڃڻ کان مَعذِرَت ڪري اتي ئي رهي پيا، پوءِ مقامِ قُربِ خاص ۾ حُضور پُرنُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ترقّيون ماڻيون ۽ ان قربِ اعليٰ ۾ پهتا جو جنهن جي تَصَوُّر بابت مخلوق جا اَفڪار ۽ خيالات به پرواز کان عاجز آهن۔ اتي رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي خاص رحمت ۽ ڪرم ٿيو ۽ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اِنعاماتِ اِلٰهيه ۽ مخصوص نعمتن کان سرفراز ڪيا ويا، زمين ۽ آسمان جي بادشاهت ۽ اُن کان افضل ۽ بَرتَر عُلوم ماڻيا۔ اُمّت جي لاءِ نمازون فَرض ٿيون، نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ڪجهه گناهگارن جي شفاعت فرمائي، جنّت ۽ دوزخ جي سير ڪئي ۽ پوءِ دنيا ۾ پنهنجي جڳھ واپس موٽي آيا۔ (تفسيرِصراط ُالجنان،۵/۴۱۴-۴۱۵ملخصاً)