Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

شافعِ روزِ جَزا تم پہ کروروں دُرُود                            دافعِ جُملہ بَلا تم پہ کروروں دُرُود

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! دُرُودِ پاڪ پڙھڻ جون بي شمار فضيلتون آهن، هن سان آخرت به بهتر ٿيندي آهي ۽ سچي دل سان پڙھيو ويندڙ دُرُود دنيا ۽ آخرت جي مشڪلات به دور ڪندو آهي۔ اچو! درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪرڻ واري هڪ عاشقِ دُرود جو هڪ ايمان افروز واقعو  ٻڌون ٿا:

هڪ واپاري وڏو خوشحال هو، ڪاروبار چڱو ڀلو هلي رهيو هو، پيسن جي به گهڻائي هئي، پوءِ وقت ڦيرو کاڌو، ان واپاريءَ جون مالي حالتون خراب ٿيڻ لڳيون، ڪاروبار ۾ نقصان ٿيندي ٿيندي نوبت ايستائين اچي پهتي جو ان جو ڪاروبار بلڪل ختم ٿي ويو ۽ اهو ويچارو بلڪل سُڃو ٿي ويو۔ ان ڪنهن دوست کان ٽي هزار(3000) دِينار (سون جا سِڪا) قرض ورتو هو ۽ واپسي جي تاريخ مقرر هئي، قرض خواه مقرر تاريخ تي قرض جي واپسي جو مطالبو ڪيو، ان ويچاري معذرت گھري ته ادا مان مجبور آهيان، مون وٽ ڪابه شيء نه آهي، قرض خواه قاضي وٽ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، قاضي صاحب ان مقروض واپاريءَ کي گھرايو ۽ مقدمي جي باقاعده ٻڌڻي کان پوءِ ان مقروض واپاري کي هڪ مهيني جي مهلت ڏني ۽ تاڪيد ڪيائين ته ان مدت ۾ ضرور قرض جي واپسي جو انتظام ڪري وٺجان۔ اهو مقروض واپاري گھڻو پريشان ٿيو، سوچڻ لڳو ته ڇا ڪيان؟ ممڪن آهي ته ان ڪٿي پڙهيو هجي يا عالمن کان ٻڌو هجي ته رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ارشادِ گرامي آهي: جنهن ٻانهي تي ڪا مصيبت، ڪا پريشاني اچي ته هو مون تي درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪري، ڇوته درودِ پاڪ مصيبتن ۽ پريشانين کي ختم ڪندو آهي ۽ رِزق وڌائيندو آهي۔ آخرڪار ان عاجزي سان مسجد جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي دُرُودِ